گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) عادلپور جي ناري راحيلا ملڪ پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد اڳوڻو مڙس راشد ملڪ، رشتيدار حفيظ الله ملڪ ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي ويا آهن، وڏي تعداد ۾ مارڻ لاءِ رشتيدار
عدالت اندر ۽ ٻاهر بيٺل آهن، جان کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ناري راحيلا ملڪ جي اهڙي داخل درخواست قبول ڪندي گهوٽڪي پوليس کي حڪم ڏنو ته جتي ناري چاهي اتي محفوظ طريقي سان پهچايو وڃي، گهوٽڪي پوليس عدالتي حڪم بعد جوڙي کي ٽن پوليس موبائيل ۽ چار ايگل اسڪواڊ جي پهري هيٺ محفوظ هنڌ تي پهچايو ويو، پسند جي شادي ڪندڙ ناري راحيلا ملڪ جي وارثن حفيظ الله ملڪ، راشد ملڪ ۽ ٻين گهوٽڪي جي عدالت ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته ناري کي اغوا ڪري نڪاح مٿان نڪاح ڪرايو ويو آهي، جيڪا ناانصافي آهي نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ واري درخواست پنهنجي وڪيل محبوب سومرو معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ داخل ڪرائي آهي عدالت مان انصاف جي اميد آهي. ناري راحيلا ملڪ جو چوڻ هو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضي سان صوبدار منگي سان شادي ڪئي آهي. واضح رهي ته عادلپور واسڻ راحيلا ملڪ ڏهرڪي واسي صوبدار منگي سان پسند جي شادي ڪئي آهي.