اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو وزارت ٽن جهازن جي مرمت لاءِ اضافي بجيٽ گهري ورتي. گهرو وزارت 15 ڪروڙ رپين جي ضمني گرانٽ لاءِ سمري وزير اعظم کي اماڻي ڇڏي. اضافي بجيٽ ٽن سيسنا جهازن جي اسپيئر پارٽس جي خريداري لاءِ گهريا ويا آهن. سيسينا جهاز وزير داخلا جي 50 ايويشن اسڪواڊ جي استعمال هيٺ آهن. اسڪواڊرن جو هڪ سيسنا جهاز 2022، ٻيو 2021 کان گرائونڊ آهي. ڄاڻايل جهاز آمريڪا پاران فراهم ڪيا ويا هئا. گهرو وزارت جي ايئر ونگ جا اثاثا منشيات ۽ دھشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارواين ۾ استعمال ٿيندا آهن.