گهرن ۾ گهڙي ٻار اغوا ڪندڙ ظالم ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي نه ڇڏينداسين: ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه

0
58

ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو آهي ته گهرن ۾ گهڙي ٻار اغوا ڪندڙ ظالم ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي نه ڇڏينداسين، زيادتين جو شڪار ٿيل جوابدار هٿيار ڦٽا ڪن ته کين انصاف ڏيارينداسين

 ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڏوهاري به اسان جيان انسان آهن، ڏوهن جي دنيا ڇڏي ڏين ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو، ٻارن کي اغوا ڪندڙ ڏوهارين سان ڪا به رعايت نه ٿيندي

هن چيو ته  ٻار اغوا ڪندڙ ڏوهاري ۽ ڌاڙيل پنهنجي انجام لاءِ تيار رهن، جنهن ڏوهاري سان زيادتي ٿي آهي ته اچي اسان وٽ پيش ٿئي ان خلاف ايڪشن نه ورتو ويندو

گذريل ڏينهن بازياب ڪرايل پنوعاقل واسي ٻارڙي محمد حسين آرائين جو ذڪر ڪندي ڊي آءِ جي چيو ته ٻار جي اغوا ۾ عجيب مهر جي گينگ ۽ ڪجهه جتوئي ڌاڙيل ملوث آهن، انهن کي به جلد پورو ڪنداسين

ٽائيم نيوز بڻيو پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ سنڌ واسين جو آواز

 معصوم ٻار محمد حسين آرائين جي گهر مان اغوا کان بازيابيءَ تائين ٽائيم نيوز جي ڀرپور ڪوريج جو بازياب ڪرايل ٻارڙي جي وارثن پاران به اعتراف

 محمد حسين آرائين جي والد اڪرم آرائين چيو ته ٽائيم نيوز جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جو آواز واڳ ڌڻين تائين پهچايو

هي به پڙهندا

پنوعاقل مان اغوا ٿيل معصوم نينگر حسين آرائين بازياب