گهارو (ن پ ا) گهارو لڳ ڄام برانچ تي ملاح برادري جي مردن ۽ عورتن پاران بااثر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪٽي بندر ڪراچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو تفصيل موجب زمين جي تڪرار تان ڳوٺ جعفر ميربحر تي هٿياربندن جي فائرنگ خلاف الهپرايو ملاح عورتن سميت مين نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو مظاهرين دانهيندي چيو ته دادو شورو، عارب شورو ۽ ٻيا اسان گهرن مٿان فائرنگ ڪئي آهي ۽ روز جي بنياد تي تنگ ڪري رهيو جنهن ڪري مجبور ٿي روڊ بلاڪ ڪيو آهي انهن مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي بااثر کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.