گمشده درياھن جي ڪٿا- ٻيو حصو … ھڪ مھا آفت … ليکڪ: ذوھيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي ھالو

0
28
گمشده درياھن جي ڪٿا- ٻيو حصو ... ھڪ مھا آفت ... ليکڪ: ذوھيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي ھالو

 “علحدگي موت مثل ٿئي ٿي، پوءِ اھا ٻن عاشقن جي هجي يا ٻن دريائن جي”. هڪ قدآور شاعر زاھد ڪُنڀر چيو، جنهن پُراڻ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي هڪ ڪتاب پڻ لکيو آھي. اسان ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين منصوبي بابت ڳالهائي رهيا هئاسين. هي هڪ نڪاس جو سرشتو آهي، جيڪو ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنڊنگ ذريعي سنڌ ۾ 1987 کان 1997 جي وچ ڌاري ٺاهيو ويو ھو. ان جو مقصد پُراڻ جي زمينن مان لوڻاٺيل پاڻي، سيلاب جو پاڻي ۽ صنعتي گندو پاڻي گڏ ڪرڻ آهي.

                 “پر ايل بي او ڊي ڪنھن واسينگ وانگي پراڻ کي پنج گھرا گھاءُ ڏئي چڪو آهي”، ڪنڀر افسرده آواز ۾ پُراڻ جي رستي سان گڏ انهن پنجن جاين ڏانھن اشارو ڪري چيو جتان ڪئنال لاءِ ڪٽ ھنيا ويا آھن. “اهو ائين آهي ڄڻ ڪنهن جاندار جون پيرن کان، ڪلھن کان، ھٿن کان، سيني ۽ دل کان رڳون ڪپي ڌار ڌار ڪيون ويون هجن”. ھن وڌيڪ چيو.

                 ايل بي او ڊي جي نظام ۾ اسپائنل ڊرين، مين ڊرين ۽ سب ڊرين شامل آهن، جيڪي شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن مان وهن ٿا. اسپائنل ڊرين اوڀر طرف ڍورو پراڻ آئوٽ فال ڊرين (DPOD) ۽ الهندي طرف ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين (KDOP)  ۾ ورهائجي ٿو، جنھن مان ھڪ عربي سمنڊ ۽ ٻيو شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ٽوٽل 4500 ڪيوسڪ پاڻي خارج ڪرڻ لاءِ ٺهيل ھن منصوبي مان ڊي پي او ڊي ذريعي 2000 ڪيوسڪ ۽ ڪي پي او ڊي ذريعي 2500 ڪيوسڪ پاڻي خارج ٿي سگھي ٿو، پر تنھن باوجود به وڏيون برساتون اڪثر ڪري ھن وھڪري جي نظام تي غالب پئي، ان کي ڪٽ ھڻي ڀڃ ڊاهه ڪري ماڻھن کي دربدر ڪن ٿيون. ھڪ اندازي مطابق 2022 ۾، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي علائقن ۾ لڳ ڀڳ 5 لک ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي ۽ 10.7 لک ماڻھو بي گھر ٿيا. 2004 ۾، ورلڊ بئنڪ پاران مقرر ڪيل هڪ انسپيڪشن پينل تسليم ڪيو ھو ته ايل بي او ڊي جي منصوبابندي، تعمير، عملدرآمد ۽ نگراني ۾ سنگين خاميون آھن.

ايل بي او ڊي سان جڙيل زميني رستا ۽ آبپاشي منصوبن به پراڻ ۽ هاڪڙي جي قدرتي آبي رستن کي روڪيو آهي. هڪ صحافي شاهد خاصخيلي مطابق، ھنن ٻن قدرتي آبي لنگھن تي بندش واضح طور تي RD-29  نالي هڪ هنڌ جي ويجهو نظر اچي ٿي، جتي ميرپورخاص مين ڊرين کي نيڪال ڪيو ويندو آهي. پراڻ جي وهڪري کي بحال ڪرڻ بدران، اھو پاڻي ڪوٽ مير جان محمد جي ڳوٺ ڀرسان اسپائنل ڊرين ۾ وھايو پيو وڃي. خاصخيلي وڌيڪ چيو ته “جيڪڏھن قدرتي پاڻي جي وھڪري ۽ اسپائنل ڊرين جي ويڪر کي ڀيٽيو وڃي ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻيءَ جو هڪ وڏو مقدار هڪ تنگ چينل ذريعي وهايو وڃي ٿو”.

بدين سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي الله بچايو، جيڪو ھنن قدرتي پاڻيءَ جي لنگھن جي بحالي ۽ علائقي ۾ ٿيندڙ نقصانڪار ترقياتي منصوبن جي خلاف مزاحمت ڪري رهيو آهي، 2015 ۾، هن ايل بي او ڊي جي ناقص ڊيزائن ۽ ان سان ٿيندڙ تباهي تي سنڌي ٻوليءَ ۾ “ايل بي او ڊي: ھڪ مھا آفت” جي عنوان سان ڪتاب شايع ڪيو.

جڏھن ڪڍڻ ۾ منھنجي ملاقات الله بچائي سان ٿي ته هن مون کي 2003ع جي ٻوڏ بابت ٻڌايو، جنھن دوران هن ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڌرتي ڌڻين سميت، چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت جا لاش ترندا ڏٺا. هن مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ئي خاندان جا 11 ڀاتي، جن ۾ اڪثر عورتون هيون، مري ويون هيون.

ساوڻ سندو خوف

جڏھن سج سرطان مان گذري، ساوڻ جي آمد جي نشاندهي ڪري ٿو، ته زمين هڪ سرسبز منظر ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هي مينهن جي موسم آهي، جنهن کي لوڪ گيتن ۽ شاعريءَ ۾ نرالو ۽ رومانوي ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اڄ کان ٽي صديون اڳ سنڌ جي محبوب شاعر شاھ لطيف مينهن کي رحمت ۽ نعمت سمجهي ڳايو هو. پر جيڪا برسات پھرين خوشحالي آڻيندي هئي، اھا ھاڻي خوف ۽ ماتم جي سوداگر بڻجي پئي آھي. نديون، جيڪي ڪڏهن آزاد ۽ طاقتور هونديون ھيون، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽ ۽ غير يقيني بيٺل آهي. ايل بي او ڊي جي اڏاوت کانپوءِ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ چار وڏيون ٻوڏون آيون آهن. 2003ع ۾ بدين ۾ ٻوڏ آئي. 2011ع ۾ سنڌ جي پوڇڙ وارا علائقا مڪمل طور ٻُڏا ھئا. 2020 جي ٻوڏ ۾ وبائي مرض جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ۽ پوءِ، 2022 ۾ ٻوڏ آئي جنھن بابت اسان سڀ ڄاڻون ٿا.

مان جڏهن تعلقي ٽنڊي باڳي جي ڳوٺ محمد عمر دلواڻي پهتس ته انهن ٻوڏن بابت سوچي رهيو هوس. اُتي منهنجي ملاقات علي نواز دلواڻي سان ٿي، جيڪو لڳ ڀڳ 50 سالن جو شخص هو، سندس چھري تي وڏا ڪارا شھپر ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي. ھن روپ ۾ هو مشهور گلوڪار جلال چانڊيي جھڙو لڳي رھيو ھو. هن مون کي ٻڌايو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جنهن قسم جي تباهي مچائي آهي، اهڙي تاريخ ۾ پھرين ڪڏھن نه ٿي. هن وڌيڪ چيو ته، “جيڪڏهن پراڻ اهڙيءَ ريت ھميشه وھندو رهي ھا ته جھڏو، ڊگهڙي، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو جان محمد جهڙا شهر ان جي ڪنارن تي ڪڏهن به نه ٺهي سگهن ها. “ھي درياءَ مقامي ماڻھن ۽ سندن جانورن کي تحفظ ڏيندڙ ھو. جيڪڏهن توهان فطرت جي قانونن سان ھٿ چُراند ڪندا ته انت ۾ توھان کي سڀ ڪجھ وڃائڻو پوندو. انهن فطرت سان ھٿ چراند ڪري کيس تباھ ڪيو آهي”.

علي نواز ھن سموري تباھي باوجود پنهنجي جوش ۽ جذبي ۾ اٽل هو. “ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين اولھ طرف وھايو ويو”. ھن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو: “اسان ڄاڻون ٿا ته پاڻي اولھ طرف ناھي وھندو. اهو اتر کان ڏکڻ ڏانهن وھندو آهي. ان ناڪاره منصوبي سبب اسان ھر ڀيري ٻُڏون ٿا”. هن وڌيڪ چيو ته ايل بي او ڊي جي ٺهڻ کان اڳ، هاڪڙو ۽ پُراڻ جو سنجوڳ هڪ هنڌ ٿيندو هو، جنھن کي ڄار جو پتڻ سڏيو ويندو ھو. مختلف هنڌن تان گذرڻ کان پوءِ اهي شڪور ڍنڍ ۾ وھي ۽ آخرڪار عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا ھئا. “پر هاڻي هاڪڙو ۽ پُراڻ هڪ ٻئي سان ايتري آسانيءَ سان نه ٿا ملن، ڇاڪاڻ ته انهن جا رستا مختلف هنڌن تي بند ڪيا ويا آهن”، علي نواز چيو. “پر اهي اڄ به ملڻ لاءِ آتا آھن ۽ آخرڪار ملن ٿا پر هر شيءِ کي تباھ ڪرڻ بعد! ڇاڪاڻ ته انھن کي سندن فطري لنگھن جو بند ھئڻ ھرگز منظور ناھي”. بدين ۾ زيرو پوائنٽ نالي هڪ جاءِ تي بئراج سبب هاڪڙو نديءَ جو قدرتي رستو مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي.

علي نواز 2010ع کان وٺي پاڻي جي اصلوڪن لنگھن جي بحاليءَ لاءِ پرعزم آهي. هو زيرو پوائنٽ وٽ بئراج جي ويجهو هڪ ڪٽ لڳائڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، ته جيئن هاڪڙو پنهنجي قدرتي لنگھ ڏانهن واپس اچي سگهي. گذريل سال ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباھي خلاف ھن ھڪ مُنظم احتجاج کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. “اسان ٿر ڪول روڊ تي گڏ ٿيا هئاسين”، هن ياد جي درياھ ۾ ٽُٻي ھڻي ٻڌايو. “اسان انصاف لاءِ آواز اُٿاريو، جنھن سبب پنگريو، جهڏو ۽ ٽنڊي جان محمد جي علائقن جا ماڻهو متحد ٿي اسان سان گڏ بيٺا ۽ هزارن جي تعداد ۾ ھنن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. انھن احتجاج ڪندڙن ۾ پوڙها، نوجوان، عورتون ۽ ٻار پڻ شامل هئا. اسان جي ھڪ مخالف گروپ اسان جي احتجاج جي موٽ ۾ ھڪ جوابي احتجاج شروع ڪيو. اھي بدين ۾ ڊرين تي ڪٽ جي حق ۾ نه هئا. ڪٽ جي حق ۾ احتجاج ڪندڙن پاران شادي لارج تي ڌرڻو ھنيو ويو، جڏهن ته ڪٽ جي مخالفن نيوي چوڪ تي ڌرڻو هنيو. احتجاج جي پنجين ڏينهن هڪ ڇوڪري فوت ٿي ھئي. سندس مائٽن ڪٽ جي حق ۾ احتجاج ڪندڙ ڌر تي اھو الزام مڙهيو ۽ دعويٰ ڪئي ته سندن احتجاج سبب ڇوڪري وقت تي اسپتال نه پهچي سگھي ۽ اھا فوت ٿي وئي”.

ان واقعي بعد ڪٽ جي حق ۾ احتجاج ڪندڙن مٿان جيڪو تشدد ٿيو، تنھن جا علي نواز سميت ڪيترائي شڪار ٿيا. احتجاج ڪندڙن کي ھڪ مڇريل ٽولي ھٿان مارائي کين رُسوا ڪيو ويو. علي نواز سميت سندس 30 ٻين ساٿين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ان کان علاوه سندن گاڏيون، ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪلون پڻ ضبط ڪيون ويون. پر علي نواز جو حوصلو ھن ڪٺن آزمائش باوجود بلند رهيو. ھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سندس لاڳاپو پنھنجي ڌرتي سان ۽ پنهنجي ماڻهن جي اھنجن ۽ ڏکن سان انتھائي گهرو آھي. (هلندڙ)

https://fiftytwo.in/story/rivers/