گمشده درياھن جي ڪٿا- (حصو ٽيون) … بک کي ڪو شرم ناهي ٿيندو! … ليکڪ: ذوھيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي ھالو

0
9
گمشده درياھن جي ڪٿا- (حصو ٽيون) ... بک کي ڪو شرم ناهي ٿيندو! ... ليکڪ: ذوھيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي ھالو

 علي نواز جهڙا ٻيا به انيڪ فرد آهن، جن مشڪلاتن ۽ مخالفت باوجود احتجاج ڪيو. ڪيترن سالن کان اهي بک هڙتال ڪندا رھيا آهن ۽ ايل بي او ڊي منصوبي جي مختلف پهلوئن جي نئين سر مُعائني جو مطالبو ڪندا رھيا آهن.

                 2005ع ۾ سماجي ورڪر مصطفيٰ ٽالپر پاران هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو ھو، جنهن ۾ معروف شخصيتن ۾  ايم ايڇ پنهور ۽ الله بچايو جمالي ايل بي او ڊي جي تباهي بابت تفصيلي ڳالهايو ھئو. 2007ع ۾ روپا ماري، ضلعي بدين ۾ عوامي عدالت منعقد ٿي ھئي. ھن عوامي عدالت ۾ ايل بي او ڊي پروجيڪٽ کان متاثر ٿيل علائقن مان 2,000 کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون گڏ ٿيا ھئا ته جيئن ماحولياتي تباهي، مقامي ماڻھن جو بي گهر ٿيڻ ۽ منصوبي سبب ٿيندڙ معاشي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي. عوامي عدالت جي منتظمين پاران 7000 کان وڌيڪ ماڻھن کان ھڪ خط تي صحيون ورتيون ويون ۽ اھو خط ورلڊ بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ڪجھ ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ فردن کي موڪليو ويو. ان خط ۾ انهن جا مطالبا واضح هئا ته ھن منصوبي ذريعي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي، LBOD جي مد ۾ ڏنل سمورو قرض معاف ڪيو وڃي، ۽ اسپائنل ڊرين کي تيستائين بند ڪيو وڃي، جيستائين اپ اسٽريم جو نيڪال نه ٿو ٿئي. پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. انهن جي تجويز ڪيل انتظامي ايڪشن پلان کي رد ڪيو ويو، ۽ ھن تباھي مچائيندڙ منصوبي لاءِ وڌيڪ قرض جاري ڪيو ويو.

آئون پنهنجو سفر جاري رکندي نئون ڪوٽ جي بازار پھتس، جنهن بابت مون کي ٻڌايو ويو هو ته ھي هاڪڙي درياھ جي مٿان اڏيل آھي. ٽنڊي جان محمد ۾ مون ڏٺو ته ٻوڏ جو پاڻي ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين روڊن جي ڪنارن تي پکڙيل ھئو. سال 2022ع جي آخري طوفاني برسات کي لڳ ڀڳ ٽي مهينا گذري چڪا ھئا، پر پاڻي اڃا تائين موجود ھئو. ٻوڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر فرق اهو آهي ته اڳي پاڻي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ ۾ فقط چند ڏينهن وٺندو ھئو.

ٽنڊي جان محمد جي پريس ڪلب ڀرسان موجود پارڪ ۾ منهنجي ملاقات ھڪ شاعر ۽ اديب زاهد ڪنڀار سان ٿي، جنهن پُراڻ تي پڻ ھڪ ڪتاب مرتب ڪيو هو. مون کي اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هن ڪڏھن به رسمي تعليم نه پرائي ھئي. هو پنهنجي موٽرسائيڪل تي مصالحن جون پڙيون وڪڻندو آھي، ۽ پُراڻ جي ڪنارن تان ٿيندو، شڪور ڍنڍ تائين پهچندو هو. دوست ۽ گهر ڀاتي هن جا امين هئا، جيڪي ھن جي درياھن بابت مشاھدن کي تحرير ڪندا ھئا. ڪتاب ڇپائڻ کان پوءِ به هن وٽ پئسا نه هئا، تنهن ڪري سندس دوست هن جي مدد ڪندا ھئا.

ان ڏينهن هن ارڙهين صديءَ جي شاعر شاھ لطيف جي سُر ڏهر جو حوالو ڏنو هو. شاھ لطيف هڪ ڪنڊي کان پُراڻ ۽ جسودن نالي ھڪ رحمدل بادشاھ بابت پُڇي ٿو جنهن، ھڪ روايت مطابق، پنهنجي سموري دولت ڏڪار متاثر ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏي ھئي. ھو چئي ٿو:

ڪَرِ ڪي ڳالھڙِيُون ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون،

ڪيئن سي راتَڙِيُون، ڪَنھن پَرِ ڏينھن گُذارِيَئِي؟

…..

ڪَر ڪا ويھِي ڳالِ ڪنڊا! ڍورَ ڌَڻِيَن جِي،

ھِھَڙي اَڄُ حالِ، ڏُکيا ڏينھن گُذارِيين.

…..

ڪَنڊا! تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِيو؟

مَڃَرَ تو مَٿان، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳا ڪِيو!

…..

ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏَھِن ڀَرِيو ڍورُ وَھي؟

جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گڏيو پَھِڙيو؟

پوءِ، ڪنڀار مون کي سندس دور ۾ آيل تبديلي متعلق ٻڌايو. “جيڪڏهن توهان ميرپورخاص کان هيٺ ڪڇ جي رڻ تائين وڃو ته توهان کي مختلف ڍنڍون نظر اينديون. انهن ڍنڍن ۾ گهڻيون مڇيون هيون ۽ ماڻهو خوش هئا. ‘مڇي ماني جي لائق’ سنڌي چوڻي ٻڌي اٿوَ؟ اهو ڪنھن امير شخص بابت چيو ويندو آھي، جنھن وٽ پنهنجي ڪٽنب کي کارائڻ لاءِ ڪافي مڇي ھجي. اها چوڻي هن علائقي ۾ مقبول ھئي”.

هاڻي اهي علائقا زندگي ڏيندڙ دريائن جي غير موجودگيءَ ۾ موت مثل ٿي پيا آهن. ٿرپارڪر جو رڻ اڪثر پورو سال سُڪل ۽ بنجر ھوندو آهي، ھتان جي بنجر زمين تتل سج سبب ويتر ڦوٽون کائيندي ٿي رھي. ٻوڏ جي پاڻيءَ کي جيڪڏهن پنھنجا قدرتي لنگھ ملن ته هن خشڪ منظر ۾ نئين زندگي ڦوڪي سگهجي ٿي.

اسان ھن گفتگو کان پوءِ ڪجهه دير خاموش ٿي ويا ھئاسين. مون تارا چند جي ڳوٺ جان محمد لغاري ۾ موت جي ان باسي بوءِ کي سڃاتو ھئو، جيڪا هوا ۾ ڦهليل هئي. اها بوءَ مئل مڇيءَ جي هئي، ڪنڀار ٻڌايو: “ٻوڏ دوران ميرپورخاص مين ڊرين ۽ اسپائنل ڊرين ۾ زهريلو پاڻي اڇلايو ويو هو. مڇيون ٻوڏ دوران زهريلي پاڻيءَ سبب مري ويون”، ڪنڀار چيو، “ھي هر طرف بدبوءِ ان جي آهي”.

ايوب کوسي جا غزلَ

اُها رات مون جهڏي شهر ۾ گذاري. ڪمري جي ديوارن تي اڃا پاڻيءَ جا نشان ھئا، جيڪي بلب جي جهيڻي روشنيءَ ۾ هڪ خوفناڪ چمڪ ڏئي رهيا ھئا. آئون حيات خان خاصخيلي جي ٻڏل ڳوٺ بابت سوچڻ لڳس، جتي وڏين لهرن ھتان جي ڪٽنبن کي بقا جي ويڙھ وڙھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. ھڪڙي ٻيڙيءَ واري جنھن ٻين ڪيترن کي پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ ساڻ کڻي بچايو ھئو پر سندس گھر مڪمل پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ھئو. سندس گھر ڀاتي، جيڪي هن کان 300 ڪلوميٽر پري ڪينجهر ڍنڍ جي ويجهو رهندا هئا، اهي به ٻوڏ سبب بي گهر ٿي ويا هئا. ان دوران، ٽوٻن پاڻيءَ جي وهڪري کي روڪڻ لاءِ، پُراڻ ۾ جتان گھارو لڳو ھو، اتي انھن بانسن جو هڪ عارضي بند ٺاهيو ھئو. مون مختلف ڪٽنبن کي ھٿن ۾ ٿانوَ کڻي ڪارن ۽ ٽرڪن پويان ڊوڙندي ڏٺو. ڌرتي ڌڻين کي ائين ڏسڻ شرمناڪ ۽ بي عزتي برابر ھئو، پر بک کي ڪو شرم ناهي ٿيندو!

آئون رئيس احمد خان ڳوٺ پهتس، جتي مونکي هڪ ٻئي شاعر ۽  احتجاج ڪندڙ سان ملاقات ڪرڻي ھئي. اھو شخص سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ ليکڪ ايوب کوسو ھئو، جنھن شاعريءَ ۽ نثر جا 17 ڪتاب لکيا آهن. نثري ڪتابن ۾ هڪ جيل ڊائري شامل آهي، جيڪو “ديوارن جي دنيا پويان” جي عنوان سان ڇپيل آھي. گذريل سال آيل ٻوڏ کانپوءِ سندس تباھ حال بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽون وائرل ٿيڻ بعد سنڌ ثقافت کاتي کيس 50 هزار رپيا امداد جي آڇ ڪئي هئي، پر هن اھا ڪانه قبولي ۽ حڪومت کي چيو ته جيڪڏھن اھي واقعي بي گھر ٿيل ماڻھن جي مدد ڪرڻ چاھين ٿا ته قدرتي پاڻي جي لنگھن کي بحال ڪن.

2011ع ۾ آيل ٻوڏ سبب ھو جھڏي مان لڏپلاڻ ڪري ٿرپارڪر ھليو ويو ھئو. اهو سفر جيڪو معمولي ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ وٺندو هو، اھو پورو ڪرڻ ۾ ھن کي 22 ڪلاڪ لڳا ھئا. گذريل سال ٻوڏ دوران، هن جهڏي شهر ۾ هڪ اڌ تعمير ٿيل جڳھ ۾ پناھ ورتي هئي. ھتي ھن فقط هڪ رات گذاري ھئي، جنهن کي هو قيامت جو ڏينهن چئي رھيو ھئو. ”هڪ رات 11 وڳي ڌاري، اچانڪ تيز برسات شروع ٿي ھئي”، هن چيو، “ماڻهن وٽ خيما نه هئا، انهن وٽ رڳو پلاسٽڪ جون چادرون هيون. گھڻن وٽ اهي به نه هيون. مون اھا سڄي رات ٻارن جو ناقابل برداشت روئڻ ٻڌي گذاري. انهن جون مائرون دڪانن جي درين هيٺ پناھ ڳولڻ جي ڪوشش ۾ ھيون”.

ھن پنھنجي ھڪ غزل مان ٻه شعر پڙھيا:

دلين جا ٺڪاڻا اَجها ئي ٻُڏي ويا.

نوان خواب پنھنجا سڄا ئي ٻُڏي ويا.

سُڪِي ويون درن جون سموريون چنبيليون،

گُلابن جا ڳاڙها گهگها ئي ٻُڏي ويا.

(هلندڙ)

https://fiftytwo.in/story/rivers/