گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي ڀٽائي چوڪ ڀرسان گھر مان چوري ڪندي عورتن چور کي سوگھو ڪري ورتو، ڪٽڪي بعد جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو ويو. تفصيل موجب گمبٽ جي ڀٽائي چوڪ ڀر سان عورتن، گھر مان چوري ڪندڙ چور کي سوگھو ڪري ورتو. چور کي ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گمبٽ جي ڀٽائي چوڪ ڀر سان عورتون ڪم سانگي پنهنجي مائٽن ڏانهن ويل هيون ته چور صدام حسين ڪلهوڙو گھر بند ڏسي چوري لاءِ گھر اندر داخل ٿيو ته ان دوران گھر مالڪ اچي ويا. فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران عورتن چور کي پڪڙي ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي ڪيو. جوابدار کي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته چور اڳ ۾ به مسجد مان بيٽري ۽ سولر پليٽون چوري ڪيون هيون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.