گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڌپوارو واسي 35 سالا عورت ثمينا شنباڻي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوار خيرپور کان گمبٽ طرف اچي رهيا هئا ته گمبٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار موٽر سائيڪل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڌپوارو واسي 35 سالا عورت ثمينه شنباڻي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس علاج لاءِ کڻائي گمس اسپتال جي ريپڊ ريسپانس سينٽر پهچايو، جتي علاج هلندڙ آهي، فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارواين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. عورت جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.