ملير (رپورٽر) گلشن حديد ويجهو سومار ڳوٺ ۾ صبح سوير اڻڄاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوابشاھ واسي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي سڃاڻپ 25 ورهين جي زاھد علي پٽ پسند علي ڊومڪي طور ٿي آهي، ان حوالي سان مقتول نوجوان جي وارثن موجب ته صبح جو سوير زاھد علي سائيڪل تي پنهنجي ڀاڻيجي کي جيڪو سومار ڳوٺ ۾ ھوٽل تي مزدوري ڪندو آھي، ان کي ڇڏي واپس گھر اچي رھيو ھو ته رستي ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، قتل ٿي ويل نوجوان جي ھڪ مھينو اڳ شادي ٿي ھئي، ٻي طرف اسٽيل ٽائون پوليس موجب ابتدائي طور واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رھيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، هوڏانهن پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.