گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاري ڀرسان ڳوٺ قاضي اعظم دستي ۾ گهر جي مالڪي تان دستي برادري جي  ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران  لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ نور خان، محمد اشرف، علم الدين، رانجھن، نجم الدين، تاج محمد شھزاد ۽ ٻيا شامل آهن،  ٻئي طرف پوليس پاران ٻنهي ڌرين جي 12 ڄڻن خلاف رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي.