گلابي ڪارڊ، نيري مس، تنھنجو منھنجو ذڪر

0
176
گلابي ڪارڊ، نيري مس، تنھنجو منھنجو ذڪر

 صرف سنڌ ۾ ممنوع قرارڏنل ويلنٽائين ڊي باقي دنيا ۾ ملھايو پيو وڃي،اڄ محبتي جوڙا ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا،ھڪ ٻئي سان پيار جو پچارون ڪندا،ھڪٻئي کي گلن ۽ چاڪليٽن جا تحفا ڏيندا ۽ سڄو سڄو ڏينھن گڏ گذاريندا. اسن جنھن معاشري ۾ رھون ٿا اتي محبت اسان لاءِ صرف ھڪ خواب بڻجي وئي آھي.اسان ته اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جنھن ۾ جون لينن جي چوڻي موجب ته “اسان ھڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا،جتي محبت ته لڪي ڪرڻي پوي ٿي پر تشدد،جھيڙا ۽ نفرتون سرعام ڪندا آھيون”. ڌرتي ۽ سرتيءَ جي عشق ۾ وڏو ڪمال سمايل هوندو آهي، جنهن ۾ موت جو خوف اصل بي مانائتو ۽ ختم ٿي ويندو آهي، عاشقن جي راهن ۾ جيتريون پابنديون ۽ سختيون اينديون آهن، اوترو ئي ان ازلي عشق جي ڪشش وڌندي رهندي آهي، نگاهه ۽ قدم صرف منزل مقصود تي هوندي آهي.

                 شيڪسپيئر ڪٿي لکيو ته پيار اعتبار ۽ خادميءَ جو نالو آهي. اعتبار جيڪو اکيون ٻوٽي ڪبو آهي. ان جي ڪري ئي ته پريمي چون ٿا ته پيار انڌو هوندو آهي پر رڳو پيار وارائي ڄاڻين ٿا ته عشق کي ويھه اکيون هونديون آهن. پيار ڪنهن رت، ڏهاڙي جو محتاج ناهي. ويلنٽائين ڊي، محبوب کي خوشبوءَ جو تحفو ڏئي، هڪ وڏو ساهه کڻي، هن  جي خوشبوءِ کي ساهن ۾ سانڍي رکڻ وارو ڏينهن. گلابي ڪارڊن تي نيري مس سان پنهنجو ۽ “هن” جو نالو گڏ لکي، رشتن کي وقت جي وسعتن کان آزاد ڪرڻ وارو ڏينهن. مڌم روشنيءَ ۾ ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ ڪافيءَ جي وڏي مگ تي گهرين خاموشين ذريعي سڄي ڪائنات جا قصا ٻڌائڻ وارو ڏينهن. جتي پيار گناهه نه آهي ۽ جتي سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ جوڙي کي عجيب نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي ۽ جتي پارڪ جي بئنچ تي ويٺل ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کان سندن رشتن جي پڇا نه ٿي ڪئي وڃي،  جواني جرم آهي ۽ خواب گناهه آهن. جتي پيار کي انائن جي بارگاهه ۾ ٻليدان ڪيو ويندو آهي ۽ جتي محبتون قبائلي سردارن جي اجازت سان ڪبيون آهن. دنيا بس اهڙن ٻن قسمن جي ماڻهن ۾ ورهايل آهي ۽ جنهن پيار جي وصف سان دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، سو پيار ڇا آهي؟ ڀلا انهيءَ ۾ ڪهڙي طاقت آهي، جو پهاڙ جهڙا ماڻهو ميڻ جي ٺهيل محبوبن جي گرم ساهن ۾ وگهرجيو وڃن.

آخر انهيءَ ۾ ڪهڙي ڪشش آهي، جو هڪ نگاهه جي اشاري تي صدين جا رشتا، هزارن سالن جون سڃاڻپون ۽ ازل جا واسطا پل کن ۾ ٺهيو پون ۽ ٻيا سڀ رشتا بي معنيٰ ٿيو پون. آخر ڪهڙو راز آهي، جو ماڻهو پنهنجو وجود عشق جي باهه ۾ ساڙي ڀسم ڪريو ڇڏين، پنهنجون شناختون مٽايو ڇڏين؟ آخر ڪهڙي قوت آهي، جو ڏاهي کان ڏاهو ماڻهو عقل جو لباس، پيار جي بي لباسي پهري، مستيءَ ۾ سرمست آهي! ڪجهه ته آهي، پر ڇا آهي؟ جسم جي بک آهي يا روح جي پياس؟ پنهنجي تڪميل آهي يا پاڻ کي فنا ڪرڻ آهي؟ ڪنهن کي حاصل ڪر ڻ يا پاڻ کي وڃائڻ آهي؟ صدين جو سودو آهي يا لمحن جو حساب؟ تڙپ آهي يا سڪون آهي؟ ڳولڻ آهي يا لهڻ؟ خير آهي يا شر آهي؟ ڇا آهي هي عشق؟ ڪهڙي رمز آهي پيار ۾؟ شايد اهو سڀ ڪجهه آهي يا ڪجهه به نه آهي. جيڪي سمجهن ٿا عشق رڳو روحاني رشتو آهي،

سي برفيلن جسمن جي گرم هٿن ۾ پگهرڻ واري وجد کان واقف نه آهن. جيڪي عشق کي رڳو ڪجهه حاصل ڪرڻ واري راند سمجهن ٿا، سي پاڻ وڃائڻ واري سرور کان محروم آهن. جن لاءِ عشق رڳو پنهنجي تڪميل آهي، تن فنا واري مزي کان پاڻ کي پري رکيو آهي. عشق تڏهن ئي آهي، جڏهن توهان جسمن جي ذريعي روحاني رمزن تائين پهچو. جڏهن سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ واري سوچ ۾ هر شيءَ وڃائي ڇڏيو ۽ تڪميل واري آرزو ۾ پاڻ پنهنجو وجود فنا ڪري ڇڏيو، تڏهن شايد عشق جي خبر پوي. عشق جو طعام پچائڻ لاءِ روڳ کپي ۽ جوڳ کپي، ساهه کپي ۽ ويساهه کپي، جوش کپي ۽ مدهوشي کپي، آڳ کپي ۽ آلاپ کپي ۽ جيڪر ڪا شيءَ نه کپي، سا آهي هوش، عقل، سمجهه، دليل، منطق ۽ ڏاهپ. جنهن هار ۽ جيت جا حساب رکيا، جنهن صحيح ۽ غلط جا دليل ڏنا، جنهن ماضي ۽ مستقبل کي آڏو رکيو، سو ڪٿي ٿو عشق ڪري سگهي! پر شايد عشق کي سمجهڻ جي به ضرورت نه آهي. عشق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن انهيءَ جي ويجهو نه اچي سگهون.

جڏهن ڳاڙهن ٻيرن جي رت ايندي آهي، جوان دلين ۾ پيار پلجڻ شروع ٿيندو آهي، تڏهن ڪائي اپسرا پنهنجي پوتيءَ جي پاند کي ڪنڌ موڙي مرڪي ڏسندي آهي؛ ته ان مهل سندس من اندر ۾ محبت جا ڏيئا ٻرڻ لڳندا آهن ۽ چپن تي تري آيل مرڪ، سندس اندر جو اظهار هوندو آهي. ان سمي ڌرتيءَ تي کڄندڙ سندس هر قدم ڪنهن زلزلي کان گھٽ ناهي هوندو. انهن البيلين دلين کي ڪنهن ڏهاڙي جو انتظارنه هوندو آهي. انهن لاءِ هر موسم پيار جي ۽ هر ڏهاڙو پيار جو ڏڻ هوندو آهي. عشق اهڙو مٺڙو زهر آهي جيڪو اکين جي نگاهه مان دل ۾ داخل ٿي دماغ جي پردن کي کولي رڳن مان راهه هموار ڪري دل جي دلفريب دنيا کي اهڙو ته رنگ ۽ خوشبو عطا ڪري ٿو جو ان جي ڪري زندگي مهڪي پوي ٿي ۽ هڪ عاشق محبوبا کي حياتي گذارڻ جو حقيقي ۽ تاحيات مقصد ملي وڃي ٿو.

ڪوئي ٺهي فسانو انهيءَ کان اڳي ملون،

ٽوڙي ڇڏي زمانو انهي کان اڳي ملون.

هر دل چاهي اها ڪنهن عورت جي هجي يا مرد جي هجي  ان ۾ عِشق جي ذات پسي ٿي ڇوته اها ذات اهڙي آهي جيڪا ماڻهو کي ديوانو ڪري ڇڏي ٿي جنهن عزت بيگ مرزا جهڙي نازن سان پاليل واپاري کي سهڻي جي پيار ۾ مينهون چاريندڙ ميهار بڻائي ڇڏيو ۽ نيٺ ٻئي ميهار ۽ سهڻي وڃي سير جي حوالي ٿي حقيقي محبوب سان مليا، سسئي پنهون ڪارڻ جبل جهاڳيا پير پٿون ٿيس، ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندڙ چنيسر ليلا جي حسن جو تاب سهي نه سگهيو ۽ حسن تان حجاب هٽائڻ تي اتي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين ۽ چنيسر جي اها قربت واري موت ڏسي ليلا به ساهه صاحب حوالي ڪيو،  راڻوجڏهن مومل سان  ڪاڪ محل ملڻ آيو ۽ ساڻس گڏ سومل کي ستل ڏٺائين  ڪاوڙ ۾ واپس هليو ويو جڏهن مومل کي اها خبر پئي ته ڏک ۾ ڏاڪ ٺهرائي پاڻ کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيائين ان ڪري هاڻي شايد راڻو واپس نه ورندو، جڏهن راڻي کي اها خبر پئي ته مومل منهنجي ڪري اهڙو عمل ڪيو تنهن تي راڻي به پاڻ کي ساڳي طريقي سان باهه ڏئي ڇڏي. جنھن جي من ۾ محبت ھوندي آھي ۽ جنھن جا سينا ڪپت کان آجا ھوندا آھن، انھن سان ته ڪو حساب ئي نه ھوندو آ. اچو ته گلوبلائيزيشن جي هنن ڏينهن ۾ محبت جو جشن ملهائي وٺون. انهيءَ کان اڳ جڏهن محبوب جي ڏنل مساڪ جو رنگ ڦٽي وڃي ۽ آر سان نالا ۽ دليون ڀريل رومال ڦاٽي پون، انهيءَ کان اڳ جو ڏنل گلابن جون محفوظ ڪيل پنکڙيون ٺوٺ ٿي هوائن ۾ اڏامي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو خوشبوءَ جو واس وڃائجي وڃي، انهيءَ کان اڳ جو مليل هٿ ڇڏائجي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو دٻيل ٽهڪ گم ٿي وڃن. انهيءَ کان اڳ جو اسان کان هڪ ٻئي جا نالا به وسري وڃن، اچو ته پيار جو ڏينهن ملهائي وٺون.

[email protected]