گريٽ بيريئر ريف کي بچائڻ واري رٿا

0
111
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

 آسٽريلوي حڪومت گريٽ بيريئر ريف کي تباهي کان بچائڻ لاءِ  هڪ ارب ڊالرن جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي. پر دنيا جي ڪيترن ئي ماحوليات جي ماهرن ان منصوبي تي تنقيد ڪندي ان کي ناڪافي قرار ڏنو آهي.آسٽريليا حڪومت گذريل هفتي هڪ بلين ڊالر جي منصوبي جو اعلان ڪيو. نون سالن جي ڊگھي منصوبي جو مقصد دنيا جي سڀ کان وڏي مرجان ريف، عظيم بيريئر ريف کي بچائڻ آهي، جيڪو تباھي جي خطري ۾ آهي.اها ريف جي حفاظت لاءِ  سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي، وزير اعظم اسڪاٽ موريسن پاران ڪيلنز، ڪوئنزلينڊ ۾ اعلان ڪيو آهي. اهو منصوبو اهڙين ٽيڪنالاجيز ۽ پاڻي جي انتظام جي نظام جي ترقي تي ڌيان ڏيندو، جيڪي ريف جي حفاظت لاءِ  ضروري آهن.

 نئين اسڪيم ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري پاڻي جي آلودگي کي گهٽائڻ ۽ پاڻي جي انتظام کي بهتر ڪرڻ تي ڪئي ويندي. آسٽريليا ۽ عالمي سطح تي ماحوليات ۽ ريف جي تحفظ لاءِ  ڪم ڪندڙ ڪيترين ئي تنظيمن وفاقي حڪومت جي ان منصوبي جي آجيان ڪئي آهي. ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ چيو آهي ته اها مثبت خبر آهي.ڊبليو ڊبليو ايف آسٽريليا جي سامونڊي چيف رچرڊ ڊهنڊ چيو ته: “اها اسان جي قومي نشان لاءِ  وڏي خبر آهي ۽ اها نشاني آهي ته ريف فنڊنگ جي دستيابي لڳ ڀڳ موجوده سطح تي رهندي. ريف کي بچائڻ لاءِ  پاڻي جي آلودگي کي گهٽائڻو پوندو. حڪومت ان کي گهٽائڻ وارو پنهنجو مقصد وڃائي چڪي آهي ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اها سيڙپڪاري اهڙي طريقي سان ڪئي وڃي جنهن سان پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي،

پاڻي جي آلودگي خلاف وڌيڪ سخت قانونن جي ضرورت آهي ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي.“آسٽريليا مئرين ڪنزرويشن سوسائٽي (AMCS) پڻ موريسن حڪومت جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. جيمي ويبسٽر، تنظيم جي پاڻي جي معيار جي ماهر جو چوڻ آهي ته، “اها سيڙپڪاري ريف جي مستقبل جي سڀ کان وڏي خطرن مان هڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ  خوش آئند آهي. آبهوا جي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ  ريف کي فعال ڪرڻ لاءِ  پاڻي جي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ  سيڙپڪاري کي وڌائڻ ضروري آهي.“جيتوڻيڪ جيمي ويبسٽر اڃا تائين ان منصوبي جي تفصيل جو انتظار ڪري رهي آهي ته ان کي بهتر سمجهڻ لاءِ ، هن ان جي مقصد جي ساراهه پڻ ڪئي آھي. هن جو چوڻ آهي ته هن وقت ريف جنهن قسم جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پاڻي جي آلودگي کي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ جيڪا سست رفتاري پيش رفت ٿي آهي، ان لاءِ  ضروري آهي ته ايندڙ ٽن سالن دوران پاڻي جي انتظام ۾ سيڙپڪاري کي وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي. ۽ آسٽريلوي حڪومتون 4 بلين ڊالرن جو هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آھن جيڪي پاڻي جي معيار کي حاصل ڪرڻ لاءِ  2025ع  تائين مهيا ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو ھو.

ساراهه ۽ آجيان جي باوجود، ڪيترائي ماهر ان اسڪيم کي ڪافي نه ٿا سمجهن ۽ حڪومت جي اعلان کان خوش نه آهن. جوڊي رومر، ايسوسيئيٽ پروفيسر جيڪو ڪوئنزلينڊ جي جيمس ڪڪ يونيورسٽي ۾ مئرين بائيالاجي سيکاري ٿو، چوي ٿو ته ان اعلان کيس ڪو گهڻو پرجوش نه ڪيو آھي. مقامي عوامي چينل اي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ رامار جو چوڻ آهي ته موسم جي تبديلي جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ اهو اعلان خاص نٿو لڳي. رامار چيو.“اسان کي 2035ع تائين خالص صفر جو مقصد حاصل ڪرڻ ۽ هن ڏهاڪي ۾ اسان جي اخراج کي 75 سيڪڙو گهٽائڻ لاءِ  پنهنجا وسيلا ۽ پئسا خرچ ڪرڻ گهرجن ،“

ڊاڪٽر رمر ڪيترن ئي ماهرن مان هڪ آهي، جن کي يقين آهي ته آسٽريليا گلوبل وارمنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ  ڪافي ڪم نه ڪري رهيو آهي. هوءَ چوي ٿي، “جيڪو اسان هينئر تائين ڏٺو آهي اهو آهي ته گلوبل وارمنگ ۾ 1-1.2 ڊگرين جي واڌ سبب پنجن سالن ۾ 3 ملين هيٽ ويوز اچي چڪا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ ريف جي 98 سيڪڙو بليچنگ آهي. هتي آسٽريليا باقي ٻين ملڪن کان مختلف ناهي. دنيا، هي سڄي دنيا جو مسئلو آهي.آسٽريليا جي اپوزيشن پارٽين به حڪومت جي منصوبي تي تنقيد ڪئي آهي. اپوزيشن ليبر پارٽي جي ماحولياتي معاملن جي ترجمان ٽيري بٽلر منصوبي جي اعلان جي وقت تي سوال ڪيو آهي. هن چيو ته، “حڪومت ڏهن سالن ۾ اها رقم فراهم ڪئي آهي، اسان کي خبر ناهي ته ان رقم مان هاڻي ڪيترو خرچ ٿيندو ۽ ايندڙ ستن، اٺن يا نون سالن ۾ ڪيترو خرچ ٿيندو.“ماحولياتي تبديلي تي آسٽريليا جي حڪومت جي موقف تي مسلسل تنقيد ڪئي وئي آهي.

نه رڳو مقامي سياستدان ۽ ڪارڪن، بين الاقوامي ماحولياتي ماهر پڻ اهو چئي رهيا آهن ته آسٽريليا گلوبل وارمنگ سان وڙهڻ لا جوڳو ڪم نه ڪري رهيو آهي.ملڪ جي موسميات کاتي موجب 1910ع ۾ جمع ڪرايل ڊيٽا کان وٺي آسٽريليا جو گرمي پد 1.44 (+- 0.24) ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌيو آهي ۽ ملڪ ۾ سخت گرميءَ جا واقعا مسلسل وڌي رهيا آهن. کاتي جو چوڻ آهي ته 1970ع کان وٺي ملڪ جي ڏکڻ اولهه واري حصي ۾ اپريل ۽ آڪٽوبر جي وچ ۾ برساتن ۾ 16 سيڪڙو جڏهن ته مئي کان جولاءِ  جي برساتن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.1950ع کان اڄ تائين آسٽريليا ۾ پڻ باهه جي واقعن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، انتهائي گرمي جي واقعن، ۽ آسٽريليا ۾ باهه واري موسم جي ڊيگهه ۾ اضاف ٿيو آھي. 1982ع کان وٺي سامونڊي طوفانن جو تعداد گهٽجي ويو آهي، پر 1910ع کان پوءِ جي ڊيٽا ڏيکاري ٿي ته ملڪ جي چوڌاري سمنڊن جو گرمي پد 1 ڊگري تائين وڌيو آهي ۽ انهن جي تيزابيت به وڌي وئي آهي، جنهن جي ڪري ھيٽ ويو ۾ اضافو ٿيو آهي.