گال(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جو دورو ڪندڙ آسٽريليا جي ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن 5 وڪيٽن تي 298 رنسون ٺاهي ورتيون. آسٽريليا جي ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. عثمان خواجه 37، ڊيوڊ وارنر 5، مارنس ليبوشگني 104، ٽريوس هيڊ 12، ڪيمرون گرين 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. راند ختم ٿيڻ تي اسٽيون اسمٿ 109 ۽ اليڪس ڪيري 16 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ آهن. پرباٿ جيسوريا 3، ڪسون راجيٿا ۽ رميش مينڊس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.