گال (اسپورٽس نيوز) گال ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پاڪستان 131 رنز جو ٽارگيٽ جي جواب ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 48 رنز ٺاهي ورتيون. سريلنڪا جي 131 رنز جي هدف جي جواب ۾ پاڪستان طرفان ٻي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي ۽ شروع ۾ ئي عبدالله شفيق اٺ، شان مسعود ست ۽ نائيٽ واچ مين طور بيٽنگ لاءِ آيل  نعمان علي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويا. چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي پاڪستان ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 48 رنز ٺاهي ورتيون هيون، قومي ٽيم کي گال ٽيسٽ کٽڻ لاءِ 83 رنز جڏهن ته سريلنڪا کي ست وڪيٽون گهربل آهن. امام الحق 25 ۽ ڪپتان بابر اعظم 6 رنز ٺاهي ڪريز تي موجود آهن، سريلنڪا طرفان پراباٿ جئه سوريا ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. سريلنڪا جي ٻي اننگز سريلنڪن ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 279 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ميزبان ٽيم پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 131 رنز جو هدف ڏنو. ڌننجيا ڊي سلوا پهرين اننگز جيان ٻي اننگز ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 82 رنز ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته مدوشڪا 52 ۽ رميش مينڊس 42 رنز جي اننگز کيڏي. دنيش چنديمل 28، ڪپتان ديموٿ ڪرونارتني 20 ۽ ڪوشال مينڊس 18 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان جي نعمان علي ۽ ابرار احمد ٽي، ٽي جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ سلمان علي آغا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.