حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ جو هڪ اهم اجلاس حيدرآباد ۾ مرڪزي صدر محمود نواز شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنهن ۾ زراعت ۽ آبادگارن سان لاڳاپيل اھم مسئلن تي غور ويچار ڪندي چيو ويو ته پاڪستان ۾ زراعت جو شعبو معيشت کي ھلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. موسمياتي اثرن ۽ ادارن جي عدم سهڪار جي باوجود هلندڙ سال ڪپھه جي پيداوار ٻيڻي ٿيڻ ۽ چانورن جي ايڪسپورٽ 500 ملين ڊالرز کان ھڪ ارب ڊالرز  تائين وڌڻ جو امڪان آهي جنهن سان قومي خزاني ۾ 3 کان 5 بلين ڊالرن جي واڌ ٿيندي. آبادگارن چيو ته ڀاڻ، تيل ۽ جيت مار دوائن جي اگھن ۾ لاڳيتي واڌ، ذخيره اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ سبب زرعي شعبي کي انيڪ خطرا لاحق آهن جنھن جي نتيجي ۾ زرعي شعبي ۽ زرعي معيشت کي اربين رپين جي نقصان جو خدشو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ يوريا ڀاڻ استعمال ٿئي ٿو جنهن جي بليڪ مارڪيٽنگ شروع ڪئي وئي آهي. يوريا ڀاڻ جي سالياني پيداوار ساڍا ڇھه ملين ٽن آھي. ھاڻوڪن سالن ۾ يوريا جو اگھه 1650 رپين  مان وڌي 3400 رپيا في ٻوري ٿي ويو آھي. گذريل ڪجھه سالن کان آبادگارن کي اهو ڀاڻ سرڪاري اگھه تي نه پيو ملي. بليڪ مارڪيٽنگ ڪري ڀاڻ جو اگهه 4000 کان 4200 رپيا في ٻوري مقرر ڪيو ويو آهي. بليڪ مارڪيٽنگ ڪري آبادگارن کان مجموعي طور تي 50 کان 70 ارب رپيا وڌيڪ اوڳاڙيا ويا آهن. يوريا ڀاڻ مقامي پيداوار ھجڻ جي باوجود بليڪ تي وڪرو ٿيڻ سان ادارن جي ساک تي ڪيترائي سوال اٿي پيا آهن. ان کانسواءِ نائيٽرو فاس ۽ ڪيلشيم امونيم نائٽريٽ ڀاڻ پڻ بليڪ تي وڪرو ڪيا پيا وڃن. سنڌ آبادگار بورڊ ڀاڻ جي مسئلي بابت سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل فورمن کي آگاهي ڏني آهي پر اڃا تائين بليڪ مارڪيٽنگ خلاف ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي جنهن سبب آبادگار سخت پريشان آهن. اجلاس ۾ چيو ويو ته ھڪ پاسي فصلن جي پوک لاءِ استعمال ٿيندڙ شين جا اگھه ٻيڻ تي وڌايا ويا آهن ته وري ٻئي پاسي زرعي جنسن جا اگھه ڪيرايا پيا وڃن جنھن سان آبادگارن کي ٻه طرفو نقصان ٿي رھيو آھي. ڦٽين جو في مڻ اگھه 9000 رپين مان گھٽائي 6000 ۽ 5000 رپيا ڪيو ويو. سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب ڦٽين جو گهٽ ۾ گهٽ اگھه 8500 رپيا في مڻ مقرر ٿيل آهي. سارين جو اگھه پڻ 4200 کان رپين مان گھٽائي 2800 رپيا ڪيو ويو آهي. ڪارخانن تي سارين جي غير قانوني ڪٽوتي به ڪئي وڃي ٿي جنهن سبب آبادگارن کي سخت نقصان رسايو پيو وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته بيماري جي ڪري بصر جي پيداوار سخت متاثر ٿي آھي. اڳ آڪٽوبر کان پاڪستان مان بصر ايڪسپورٽ ٿيندو ھو پر ھاڻي پيداوار لاءِ مناسب موسم ھئڻ جي باوجود ان ئي وقت تي پاڪستان کي بصر ٻاھران گھرائڻو پوي ٿو. ھن سال هزارين ايڪڙن تي بيٺل بصر اڻڄاتل بيماري سبب تباھ ٿي ويو. ان معاملي بابت سنڌ آبادگار بورڊ مختلف لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ادارن کي نشاندهي به ڪئي پر بصر کي لڳل بيماري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي جنھن ڪري بصر جي آبادگارن کي سخت نقصان ڀوڳڻو پيو. آبادگار بصر کي بچائڻ لاءِ لکين رپيا خرچ ڪري چڪا آھن پر کين بيماري کي ضابطي ۾ ڪا به ڪاميابي نه ٿي سگھي. ادارن جي عدم دلچسپي سبب بصر جي پيداوار خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهي آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زراعت ۽ آبادگارن کي وڏي نقصان کان بچائڻ لاءِ اھم مسئلن جي حل واسطي لاڳاپيل ادارن کي فعال  ڪيو وڃي. ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. سارين جي غيرقانوني ڪٽوتي بند ڪئي وڃي ۽ اگھه گھٽائڻ جو اھم ڪارڻ بڻجندڙ مڊل مين جي ڪردار کي صاف شفاف رکڻ لاءِ اثرائتا اپاءِ ورتا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي پوک شروع ٿي وئي آهي. ڪڻڪ جي پيداواري خرچن جو ڪاٿو تفصيل سان نگران وڏي وزير کي پيش ڪيو ويو آهي جنهن مطابق ھن سال ڪڻڪ جو امدادي اگھ 4912 رپيا في مڻ مقرر ٿيڻ گھرجي. اجلاس ۾ چيو ويو ته باغباني جي برآمدات جي وڏن موقعن مان تڏهن ئي فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن پرائمري پروڊيوسرز آبادگارن کي به ايڪسپورٽ پروموشنل سرگرمين ۾ شامل ڪيو ويندو. آبادگارن کي ايڪسپورٽ جي ضرورتن ۽ الاقوامي مارڪيٽن جي معيارن کي سمجھڻ ۽ ان موجب صلاحيتون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاھ، امير بخش مھر، محمد ملوڪ نظاماڻي، اعظم رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.