ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ جھيڙي ڪيس ۾ رمانڊ تي ورتل جوابدار فرار ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڪڪڙ ۾ جھيڙي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار اصغر آرائين مبينا ڪڪڙ ٿاڻي تان اھلڪارن جي موجودگي دوران فجر ڌاري ھٿڪڙيون ڇڏائي آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو 10 ڪلاڪن بعد بااثر جي معرفت جوابدر کي ڪڪڙ پوليس حوالي ڪيو ويو جنھن کانپوء پوليس سک جو ساھ کنيو. ان سلسلي ۾ ڪڪڙ ۾ ٻ ھفتا اڳ ڳوٺ بروھي ۽ آرائين جي ٻن ڌرين جي وچم ڳوٺ مير محمد جا ڀاڻ ۾ جھيڙو ٿيو ھو جنھن جو بروھي ڌر پاران حڪيم بروھي جي فرياد تي آرائين مٿان 5 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو جنھن ۾ اصغر آرئين سڪندر آرئين زاھد آرائين محبت آرائين سميت ٻيا شامل ھئا پوليس ھفتو اڳ ٻن سڳن سوٽن سڪندر آرائين ۽ اصغر آرائين کي حراست ۾ ورتو ويو پوليس پاران گرفتار ٿيل جوابدارن کي ڪي اين شاھ عدالت مان 6 ڏينھن جي رمانڊ بعد پوليس جي حراست ۾ ھو جن مان ھڪ جوابدار اصغر آرائين مبينا ڪڪڙ ٿاڻي تان فجر ڌاري اونداھي جو فائدو وٺي اھلڪارن جي موجودگي دوران ھٿڪڙيون ڇڏائي فرار ٿي ويو. ايڊيشنل ايس ايچ او محمد صالح ابڙو چيو آھي ٿاڻي تان جھيڙي ڪيس ۾ ڪوب جوابدار فرار نه ٿيو آھي. اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي.