ڪڪڙ (ن پ ا)ڪڪڙ لڳ جمعو شيخ وٽ ٻوڏ واري پاڻي جي تيز  وھڪري ۾ 6 ڳوٺاڻا ٻڏي لڙھي ويا، جن ۾ منيرحسن شيخ علي حسن درمحمد منظور اميرعلي  ڪاشف شامل آھن. جن مان 5 ڄڻن کي ڳولا ڪري ھٿ ڪيو ويو، باقي ھڪ نوجوان ڪاشف شيخ جو پتو نه پئجي سگھيو، جن جي ڳولا لاء ريسڪو ٽيم ن ھئڻ ۽ ضلعي انتظاميا طرفان مدد ن ڪرڻ خلاف وارثن نويد نورحسين جي اڳواڻي ۾ سوين شيخ برادرين متاثرن انڊس ھاء وي روڊ جوھي بئراج وٽ احتجاجي مظاھروڪندي ڌرڻو هنيو. نويد شيخ ۽ ٻين چيو آھي ته اسان 6 نوجوان جمعو شيخ وٽان برساتي پاڻي جي تيز وھڪري دوران ٻڏي لڙھي ويا، ٻيا ته بچايا  ويا آهن پر ڪاشف شيخ جو اڃا تائين ڪوبه پتو نه ويو آھي جنھن کي 8 ڪلاڪ گذري چڪا آھن پر ريسڪو ٽيم توڙي ضلعي انتظاميا نوجوان جي ڳولا لاء ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آھن جنھن سبب وارث سخت پريشان جو شڪار آھيون سندن جي ڳولا لاء مدد ڪئي وڃي. بعد ۾ پاڻ مرادو ڌرڻو ختم ڪيو ويو.