ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ بنيادي سھولتن جي اڻاٺ خلاف ڳوٺ ٿرڙي جادو شھيد جي رھواسين ضلعي انتظاميا خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر مولانا اياز احمد ٻٻر ، حافظ محمد يونس ٻٻر ، ميان بخش ٻٻر ، حاجي علي اصغر  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڳوٺ ٿرڙي جادو شھيد گذريل  3 سالن کان واٽر سپلاءِ ناڪاره ھئڻ ڪري 3 ھزار ماڻھون سخت گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڍڪ لاءِ پريشان آهن، پبلڪ هيلٿ عملدارن مرمت لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن،   ڪڪڙ کان ٿرڙي جادو شھيد ايندڙ لنڪ روڊ اکڙي تباهه ٿي ويو آهي،ل ٺيڪيدار پٿر وڇائي گم آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.ٻي صورت ۾ عدالت وينداسين.