ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ڪڙيوگهنور جي مختلف ڳوٺن ۾ ٻن نوجوانن ڦاهو کائي خودڪشيون ڪري ڇڏيو،ڪڙيوگهنور لڳ کٿڙ دڙو ڳوٺ ڀارمل ڪولهي ۾ نوجوان  نريش پٽ بيکو ڪولهي پنهنجي زال کان ناراض ٿي رات جي پوئين پهر ۾ گهر جي لائٽڻ ۾ مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي ڪڙيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، فوتي جي پيءَ بيکو ڪولهي چيو ته نوجوان ڪجھه ڏينهن کان پنهنجي گهر واري کان ناراض هو، هن پنهنجي گهر واري کان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آهي. ٻئي  پاسي ڳوٺ ڀڳت وشرام ڪولهي ۾ به نوجوان امرلال پٽ ٽيڪو ڪولهي گهر ٻاهران ٻني ۾ بيٺل نم جي وڻ ۾ ٽوال ٻڌي ڳچي ۾ ڦاهو کائي مبينا  خودڪشي ڪري ڇڏي، وارثن چيو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو، هو ڪڏهن ڪڏهن گهر کان ٻاهر هليو ويندو هو ۽ واپس اچي ويندو هو، رات اچانڪ بيگاهه وقت تي گهران نڪري ويو، جنهن جي اسان کي ڪابه خبر نه پئجي سگهي، صبح جو اسان گهر کان ٻاهر نڪتاسين ته سندس لاش مليو، جڏهن ته ڪڙيوگهنور پوليس سان رابطي تي هن ٻڌايو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو جنهن ڪري هن وڻ ۾ ٽوال ٻڌي خودڪشي ڪئي آهي، جڏهن ته ٻنهي فوتين نوجوانن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.