ڪڇون جي همت: شينهن تلاءُ ڇڏڻ تي مجبور

0
485

جوهانسبرگ(دلچسپ نيوز) ڪڇون جي همت سبب شينهن تلاءُ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ آفريڪا جي هڪ پارڪ ۾ ڪڇون ۽ شينهن جي ويڙهه واري انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن کي لکين ماڻهن ڏسي پسند ڪيو.جوهانسبرگ جي گريٽرڪروگر پارڪ جو تلاءُ عوام لاءِ ته تفريح جو مرڪز بڻيل آهي پر پکي ۽ جانوربه پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ تلاءُ وٽ اچي پاڻي پيئن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شينهن جيئن ئي پاڻي پيئڻ لاءِ پهتو ته تلاءُ ۾ موجود ڪڇون ان جي سخت مزاحمت ڪئي، شينهن وڏي ڪوشش ڪئي ته تلاءُ مان پاڻي پئي پرڪڇون کيس پاڻي پيئڻ کان روڪيندو رهيو۽ جيئن ئي هو منهن پاڻي ۾ وجهي پيو ته ڪڇون ان کي چڪ هڻڻ جي ڪوشش پيو ڪري جنهن سبب شينهن مجبور ٿي واپس روانو ٿي ويو. شينهن ۽ ڪڇون جي ويڙهه واري وڊيوسوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صارفين ان تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.