برٽش ڪولمبيا(انٽرسٽنگ نيوز) ڪُڪِڙيون رڳو آنا ناهن ڏينديون پر اکر به پڙهي سگهن ٿيون. ان ڏس ۾ ڪينيڊا ۾ هڪ ڪڪِڙ مختلف انگ، رنگن ۽ اکرن جي سڃاڻپ ڪري گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڪينيڊا ۾ جانورن جي هڪ ڊاڪتر ايميلي ڪيرينگٽن ٻڌايو ته هن گذريل سال بيضا پيدا ڪندڙ پنج ڪڪڙيون خريد ڪيون ۽ جلد ئي انهن ڪڪڙين کي چقمق وارن اکرن ۽ انگن جي سڃاڻپ جي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي. ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌايو ته سندس ڪم صرف انهن انگن يا اکرن کي لڪائڻ هوندو هو جيئن مون چونڊيو ۽ سيکاريو. ايستائين جو جيڪڏهن آئون ٻئي اکر جو هڪ مڪمل ڇڳو وکريل ٻن ٻين اکرن سان ملائي ڇڏيان ته انهن کي چونڊڻ وقت ڪڪڙ صرف ان اکر کي چونڊيندي جنهن کي مون چونڊڻ جي تربيت ڏني هئي. ايملي ٻڌايو ته سندس خواهش آهي ته سموريون ڪڪڙيون هڪ منٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ شيون سکڻ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪن، پر ڪڪڙين مان هڪ ليسي نالي ڪڪڙي فاتح طور اڀري، جيڪا هڪ منٽ ۾ 6 اکر، انگ ۽ رنگ صحيح طريقي سان سڃاڻي ٿي.