ڪرڪ/ پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه ۾ مڪاني چونڊ رت جي ۾ وهنجي وئي، حملن، بم ڌماڪن ۽ جهيڙن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائين زخمي ٿي پيا. بيلٽ باڪس ٽوڙيا ويا مليل اطلاعن موجب ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرڪ جي تعلقي تخت نصرتي جي پولنگ اسٽيشن ۾ فائرنگ سان 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي شاهد خٽڪ جو سئوٽ ۽ گن مين شامل آهن، جڏهن ته فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا ۽ پولنگ روڪي وئي. هوڏانهن خيبر ضلعي جي علائقن ذخه خيل ۽ لنڊي ڪوتل ۾ هٿياربندن پولنگ اسٽيشنز تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پولنگ اسٽيشن تي بيلٽ باڪس ڀڄي پيا ۽ چونڊ مواد کي به نقصان پهتو. ڀاڄ ۽ بدنظمي کانپوءِ 20 پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ جو عمل روڪڻو پئجي ويو. لنڊي ڪوتل بازار جي ملڪ نادر شاهه ڪلي اسڪول تي به پولنگ اسٽيشن ۾ هٿياربند گهڙي ويا ۽ بيلٽ باڪس ڀڃي ڇڏيا، چونڊ مواد کي نقصان پهچايو ۽ عملي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو.هوڏانهن خيبر پختونخوا جي قبيلائي ضلعي باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي گاڏي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ڊي پي او باجوڙ عبدالصمد خان موجب آپگهاتي حملي ۾ اي اين پي ورڪر جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪو پاڪ – افغان سرحد ڀرسان سور قمر علائقي ۾ لاغري ٿاڻي جي حدن ۾ ٿيو. هن اهو تاثر رد ڪيو ته ڌماڪو پولنگ اسٽيشن ڀرسان ٿيو، گڏوگڏ هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا. سندس چوڻ هو ته جنهن جاءِ تي حملو ڪيو ويو، اهو هڪ جابلو علائقو آهي، آپگهاتي بمبار اوچتو آيو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيائين. اڃا تائين ڪنهن به ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. هڪ ٻي پولنگ اسٽيشن تي حملي ۾ هڪ ڄڻي جي مارجڻ جا اطلاع آهن.