پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ردوبدل ۽ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صوبائي ڪابينا ۾ وڌيڪ 4 وزيرن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ وزيرن کان وزارتون واپس وٺڻ جو امڪان آهي، نوان وزير اڄ حلف کڻندا. ذريعن موجب گورنر هائوس پشاور ۾ گورنر شاهه فرمان سان وزيراعليٰ محمود خان ۽ اڳوڻي وزير عاطف خان جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ حڪومتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صوبائي ڪابينا ۾ چئن نون وزيرن ۾ عاطف خان ۽ شڪيل خان کي ٻيهر شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته فضل شڪور ۽ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ فيصل امين گنڊاپور کي به وزارت ڏني ويندي.