پنوعاقل (ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم اين اي خورشيد شاهه پي ٽي آءِ حڪومت مٿان سخت تنقيد  ڪندي چيو آھي ته  ٻين کي ڪرپٽ چوندڙ نيازي حڪومت بدترين ڪرپشن ڪئي آھي، عمران خان ڪشمير جو سودو ڪري ڇڏيو، عمران چوندو ھو آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بدران خودڪشي کي ترجيح ڏيندس پر  اڄ هن آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن. ملڪ جو قرض 26 ھزار ارب ڊالرن کان وڌي ٽن سالن ۾ 41 ھزار ارب ڊالرن تي پھتو آھي. خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪي پي ڪي ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي مقبوليت جو اندازو ٿي چڪو آهي. اتان جي عوام تحريڪ انصاف کي رد ڪري عمران خان کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي غريبن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آھي. عمران حڪومت ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران ويتر بيروزگار ڪيو. ھاڻ عوام جو هڪ ئي مطالبو آھي ته اسان کي ساڳيو پراڻو پاڪستان کپي.