خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو)  خيرپورناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي سال 2023/2024ع جي ساليانو بجيٽ اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر خليل سڪندر کونهارو جي صدارت هيٺ ٿيو،  اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام محمد شيخ، ميمبرن حسن شاهه، ايڊووڪيٽ شعبان ملاح، عبدالرشيد شيخ، محمد بروهي، فهيم جمالي، بخشل پنهور، شام لعل، عورت ميمبر فرزانا، اعجاز قريشي، مسمات امتياز ٻگھيو، مسمات ثمينه بروهي، مسمات فرزانا منظور کوکر ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ميونسپل آفيسر محمد نواز راهپوٽو ، اڪائونٽنٽ آفيسر عباس حسين منگي ، اسسٽنٽ اڪائونٽ آفيسر مير محمد طارق ٻگهيو ، انجنئير علي احمد سولنگي ۽ ٻين ميونسپل جي آفيسرن شرڪت ڪئي ، ميونسپل ڪاميٽي جي سالياني بجيٽ چيئرمين ڊاڪٽر خليل سڪندر کونهارو پيش ڪئي، بجيٽ جي ڪل آمدني جو ڪاٿو 408194040 خرچ جو ڪاٿو 408132604 ، بچت 61436 ، پگهارن جي مد ۾ 31 ڪروڙ 20 لک ، ڪانٽيجنسي خرچ لاءِ 5 ڪروڙ کان مٿي رقم رکي وئي  ، ميونسپل آفيس جي بلڊنگ جي تعميرات لاءِ ٻه ڪروڙ رکيا ويا، غريب نياڻين جي ڏاج، شاگردن جي اسڪالرشپ، راندين، اسٽريٽ لائيٽ جي بحالي سميت ٻين ڪمن لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکيا ويا آهن ، پيش ڪيل بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي.  ان موقعي تي چيئرمين ڊاڪٽر خليل سڪندر کونهارو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي آهي ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ، اجلاس ۾ آيل سمورن ميمبرن پيش ڪيل بجيٽ منظور ڪئي آهي آئون پنهنجي ٽيم سان گڏجي شهر جي ڀلائي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان هن چيو ته آئون عوام جي خدمت تي يقين رکان ٿو شهر کي خوبصورت روشينن جو شهر بڻايو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته شهر جي هر ڪالوني محلي جي صفائي پيئڻ جو پاڻي پهچايڻ منهنجي پهرئين ترجيح آهي خيرپورناٿن شاهه جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ، هن چيو ته شهر جو ڊرينيج سسٽم تمام پراڻو آهي خيرپورناٿن شاهه شهر جي بهتري لاءِ اسپيشل گرانٽ جي ضرورت آهي.