خيرپورناٿن شاه (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه اسپتال ۾ مبينا طور علاج نه ٿيڻ ڪري گيسٽرو سبب نينگر فوت ٿي ويو. ڳوٺ ريهڻ گاڏھي جي رهواسي پورهيت غلام عباس گاڏھي جي 5 سالن جي معصوم پٽ امين گيسٽرو سبب اوچتو طعبيت خراب ٿيڻ تي کيس تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاه ۾ داخل ڪيو ويو اسپتال ۾  معصوم نينگر جو علاج بهتر نه ٿيڻ تي نينگر جي حالت سڌرڻ بجاء خراب ٿي وئي ڊيوٽي ڊاڪٽر  پورهيت جي پٽ جو علاج ڪرڻ بجاء کيس لاڙڪاڻي کڻائي وڃڻ جو چيو. پورهيت غلام عباس گاڏھي ٻڌايو ته پٽ امين کي بخار سان گڏ دست الٽيون شروع ٿي ويون، کيس تعلقي اسپتال آندو. جتي پٽ جو علاج بهتر نه ٿيو گيسٽرو گهٽ ٿيڻ بجاء اسپتال ۾ وڌي ويو ڊاڪٽر چيو ته پٽ کي لاڙڪاڻي کڻائي وڃ مان پٽ کي ميهڙ جي پرائيوٽ اسپتال ۾ داخل ڪرايو پر اتي به حالت سڌرڻ بجاء ويتر خراب ٿي وئي ته مون پٽ کي لاڙڪاڻي کڻائي پهتس جتي منهنجو پٽ منهنجي اکين اڳيان فوت ٿي ويو هن چيو ته اسان جي سرڪاري اسپتالن ۾ گيسٽرو جو به علاج ناهي ڊاڪٽر علاج ڪرڻ بجاء پنهنجي جان ڇڏائيڻ لاء  رفر ليٽر تيار ڪيون ويٺا آھن وڏو ظلم آھي اسان غريب مسڪين سان انهن سان ڪير به پڇڻ وارو ناهي.