ڪي ايم سي پاران هيٽ ويو ۽ سامونڊي طوفان سبب 20 مئي تائين ايمرجنسي لاڳو

0
251
بلدياتي ادارن جي بجيٽ ۾ رڪارڊ اضافو

ڪراچي: ڪي ايم سي اختيارين پاران هيٽ ويو ۽ سامونڊي طوفان سبب 20 مئي تائين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. شهر جي 11 انڊر پاس ۽ 106 رستن جي صفائي جي حوالي سان لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڪي ايم سي جي انتظامن هيٺ ايندڙ اسپتالن ۾ به هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آھن. تيز هوائن سبب سائن بورڊ ۽ گهرن جون ڇتيون اڏڻ جي امڪان سبب شهرين کي احتياط جي اپيل ڪئي وئي، جڏهن ته ريسڪيو عملي کي به هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاء تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.