ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه )سنڌ هاءِ ڪورٽ ناظم آباد ۾ ڪي ايم سي پاران دڪانن سيل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي دڪانن کي ڊي سيل ڪرڻ (کولڻ)  جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت چيو ته دڪاندار واڌو مسواڙ رينٽ ڪنٽرولر وٽ جمع ڪرائين، درخواست گذار محمد ارشد چيو ته ڪي ايم سي پاران دڪانن جي مسواڙ ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، وڌايل مسواڙ نه ڏيڻ تان ڪي ايم سي عملي 26 جون تي رات جو دڪان سيل ڪيا،  هن چيو ته مسواڙ ۾ واڌ ۽ بنا نوٽيس جي دڪان سيل ڪرڻ  غير قانوني عمل آهن .