ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪي ايم سي پاران حسن علي آفندي مارڪيٽ جي 48 دڪانن کي سيل ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي جو وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڪي ايم سي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواست ڏيندڙ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي عملدارن آچر واري ڏينهن حسن علي آفندي مارڪيٽ جي 48 دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، هنن  چيو ته دڪاندارن ۽ ڪي ايم سي عملدارن وچ ۾ دڪانن جي مسواڙ تان تڪرار هلندڙ آهي، ڪي ايم سي دڪانن جي مسوارڙ ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته دڪاندارن مني آرڊر ذريعي مسواڙ جمع ڪرائي آهي، ان باوجود ڪي ايم سي عملدارن غير قانوني طور دڪان سيل ڪيا آهن، هنن استدعا  ڪئي ته دڪانن کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.