اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت پاران ڪي اليڪٽرڪ کي ڏنل سبسڊي واپس وٺڻ خلاف درخواست تي پاور ڊويزن جي سيڪريٽري ۽ نيپرا جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٽيرف کي اڄ خميس ڏينهن طلب ڪري ورتو ڪالھه چيف عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪي اليڪٽرڪ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت ٽيرف جي  مد ۾ سبسڊي ڏني جيڪا واپس ورتي وئي ڪي اليڪٽرڪ هڪ نجي ڪمپني آهي ان مٿان حڪومتي پاليسيون لاڳو ناهن ٿينديون. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مامري کي سمجهڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي اهلڪارن کي خميس ڏينهن طلب ڪيون ٿا بعد مٿ عدالت اڄ خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.