ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ پاران هيٽ ويو دوران لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل بندش خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، ڪالهه ڪي اليڪٽرڪ جو وڪيل عابد زبيري پيش ٿيو، عدالت تحريري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل هيٽ ويو دوران اختيار ڪيل ايڪشن پلان ۽ ادا ڪيل سماجي ذميواري بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ  مهلت طلب ڪئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداوار ۽ ٽرانسميشن لائينن جي سار سنڀال جي ذميوار آهي،گرمي ۾ صارفين کي بار بار لوڊشيڊنگ ۽ اڻ اعلانيل بريڪ ڊائون سبب ڏکيائي ٿي رهي آهي، هلندڙ هيٽ ويو دوران وڏي تعداد ۾ شهري زندگين جو نقصان ٿيو آهي, جنهن جو هڪ سبب بجلي جي عدم فراهمي آهي، هيٽ ويو جي اڳڪٿي باوجود ڪي اليڪٽرڪ انفرا اسٽريڪچر کي مڪمل آپريشنل رکڻ لاءِ غير معمولي قدم ناهن کنيا،عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.