وني پيگ (انٽرسٽنگ نيوز) ڪينيڊا ۾ آسمان تي پر اسرار ڦڪي روشني ظاهر ٿي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. هڪ جوڙي انٽرنيٽ تي اها وڊيو وائرل ڪئي، جنهن ۾ انهن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن مقامي درياهه وني پيگ جي مٿان ٻه چمڪندڙ غير مرئي مخلوق (ايليئنز) جا پراسرار جھاز ڏٺا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب جسٽس اسٽيونسن ۽ سندس زال ڊينيئل ڊينيئلز پنهنجي گاڏي ۾ فورٽ اليگزينڊر وٽان گذري رهيا هئا ته انهن آسمان تي پر اسرار ڦڪي روشني کي چمڪندڙ ڏٺو. سج وانگر چمڪندڙ شين کي ڪڪرن جي پويان غائب ٿيڻ کان اڳ درياهه جي مٿان ڏکڻ ڏانهن اڏرندي ڏٺو ويو.جوڙي ان تجربي کي بيان ڪندي چيو ته ڄڻ اهي ڪنهن سائنس فڪشن فلم جو حصو هجن، جنهن ۾ شيون آسمان ۾ باهه وانگر تيز روشني ڏيکارينديون آهن. جسٽن فوٽيجز رڪارڊڪرڻ شروع ڪيا ۽ سوچيو ته ڇا هو ڪنهن اجنبي مخلوق جو مشاهدو ڪري رهيو آهي. جسٽن وڊيو فيس بڪ تي شيئر ڪئي، جنهن جو ڪيپشن هو ته آخر هي ڇا آهي؟