ٽورنٽو (م ڊ) ڪينيڊا ۾ آزاد خالصتان تحريڪ جو هڪ ٻيو سک اڳواڻ قتل ٿي ويو آهي. سک اڳواڻ سک دول سنگهه (سکا دونيڪي) کي ڪينيڊا ۾ قتل ڪيو ويو، اڻڄاتل هٿياربندن سک دول سنگهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب 2017ع ۾ ڀارت مان ڪينيڊا منتقل ٿيندڙ سک دول سنگهه کي ڪينيڊا جي شهر وني پيگ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سک دول سنگهه ڀارت کي گھربل خالصه اڳواڻن جي لسٽ ۾ شامل هو، جيڪو ڀارتي پنجاب پوليس جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪينيڊا فرار ٿي ويو هو. هو سک اڳواڻ  ارشديپ سنگهه (ارشا دالا) جو ويجھو ساٿي هو. ياد رهي ته ان کان اڳ مارجي ويل سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل جو الزام پڻ ڀارت تي آهي. ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو هوته ڀارتي ايجنسي “را” هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ملوث آهي ان جا پڪا ثبوت پڻ مليا آهن. ان بيان کان پوءِ ڀارت ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.