حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ قائم حيسڪو جي هيڊ آفيس ۾ چيف انجنيئر پلاننگ منظور حسين سومرو تي مبينا طور وڪيلن قاتلاڻو حملو ڪيو. حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر جو چوڻ آهي ته وڪيلن جي گروپ جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ سلطان شيخ پئي ڪئي جنهن سان ڪجهه ٻيا وڪيل به گڏ هئا جن غيرقانوني ڪم ڪري ڏيڻ جو چيو ۽ انڪار تي چيف انجنيئر تي حملو ڪيو. ترجمان موجب حارث شيخ نالي نوجوان جو هڪ ڪيس ڄاڻايل وڪيل حل ڪرائڻ لاءِ ورتو هو جنهن جي حل نه ڪري ڏيڻ تي هن چيف انجنيئر کي ساٿين سان گڏجي مارڪٽ ڪئي پر حيسڪو عملي فوري طور آفيس پهچي وڪيلن کان چيف انجنيئر کي ڇڏائي ورتو. هوڏانهن ترجمان جي دعويٰ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ انهن حسين آباد ٿاڻي تي ليٽر جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف چيف انجنيئر تي مبينا حملي دوران ايڊووڪيٽ سلطان شيخ بيهوش ٿي ڪري پيو جنهن کي سندس ساٿي علاج لاءِ اسپتال کڻائي ويا. وڪيلن جو چوڻ آهي ته هو قانوني ڪم ڪرائڻ لاءِ حيسڪو عملدار جي آفيس پهتا جتي عملدار ۽ سندس ساٿين وڪيلن تي حمل ڪيو.