ڪير به ساڳي صفحي تي ناهي

0
177
نئين اڏاوت جا نوان بنياد

 ملڪ ۾ آيل تازي تبديليءَ جي اندرين پاسن تي ڳالهه ٻولهه يا ته نه ٿي ٿئي يا وري ويڙهيل سيڙهيل جملن ۾ ٿئي ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم  جي وزير فواد چوڌري هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ اهو مڃيو ته سندن حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان ناتا خراب ٿيڻ سبب وئي. پاڻ وزيراعظم به هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمنيٽ هڪ اهم فرد کي عهدي تان هٽائڻ ٿي چاهيو ۽ مون هن کي ان عهدي تي برقرار رکڻ ٿي گهريو. ٿورن لفظن ۾ ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ساڳئي صفحي تي نه رهڻ جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت هلي وئي. حڪومت ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو ساڳئي صفحي تي نه رهڻ ۽ حڪومتن جو هليو وڃڻ هن ملڪ ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي. ان قسم جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پر اصل مسئلو اهو آهي ته هاڻي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اندر به ساڳي صفحي تي ناهي رهي. جيتوڻيڪ وقتي طور سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو سربراهه پنهنجي سگهاري عهدي کي استعمال ڪندي عمران خان جي حڪومت ته ڪيرائي ويٺو پر هي شايد پهريون ڀيرو آهي جو حڪومت جي مخالفت ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اندر به هڪ ڏڦيڙ موجود آهي. ۽ سندن هائوس ورهايل آهي.

اها هڪ نئين صورتحال آهي. شايد اهو ان ئي صورتحال جو نتيجو آهي جو آءِ ايس پي آر کي عوام اڳيان پڌرو ڪرڻو پيو ته فوج جو سربراهه پنهنجو هاڻوڪو مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ رٽائر ٿي ويندو ۽ مدي ۾ واڌ نه وٺندو. چيو ٿو وڃي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ انتهائي اهم اجلاس ۾ ڏکيا سوال پڻ اٿاريا ويا ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي تبديل ٿيل پاليسي جي راءِ  ورهايل رهي. عام طور تي حڪومت مخالفت ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اندروني طور هڪ صفحي تي ئي رهندي آهي پر هن ڀيري صورتحال مشڪل آهي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو عمران خان اقتدار مان وڃڻ کانپوءِ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي سڌن لفظن ۾ للڪاري رهيوآهي. سندن همنوا پڻ مختلف هنڌن تي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ بابت سخت لهجو اختيار ڪري رهيا آهن ۽ سندس جلسن ۾ سخت نعرا ٻڌڻ ۾ ۽ پوسٽر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. صاف نظر اچي ٿو ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اندر هڪ حصو سندس حامي آهي.

گڏ گڏ آمريڪا مخالفت وارو بيانيو به بازار ۾ وڪامجي رهيو آهي. هن جنهن چالاڪيءَ سان هڪ سفير جي موڪليل خط کي سندس حڪومت ۽ ملڪ خلاف سازش جي شڪل اختيار ڪرائي آهي، ان سان هن پنهنجي پوئلڳن ۾ هڪ اٿل پيدا ڪئي آهي. ساڳئي وقت عمران خان جا ويجها ساٿي لڳاتار چئي رهيا آهن ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جهڙو ماحول پيدا ٿي رهيو آهي. گهرو ويڙهه مخالف سوچ وارن ڪارڪنن جي ٽڪراءُ ۾ ته ٿيڻ جو امڪان گهٽ ٿو لڳي پوءِ هو آخر گهرو ويڙهه بابت ڪنهن ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن. ڇا هو اڻ سڌي طرح سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪنهن اندروني ٽڪراءُ ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن؟ ڇا کين اهو پتوآهي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن هن سياسي ماحول کي نه ٺاريو ته انهن جي اندر به ڪو تڪرار ٿيڻ جو خدشو آهي؟

گذريل ڪيترن ئي ورهين کان سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پاڻ جهڙي طرح عمران خان ۽ سندس پارٽي کي فرشتن جو ٽولو بنائي اڀاريو ۽ نواز ليگ توڙي پيپلزپارٽي کي ڦورو، ڌاڙيل، ڪرپٽ ۽ ملڪ دشمن طوراڀاريو ان سان سندن صفحن اندر به اهي بيانيا پاڙون پختيون ڪري چڪا آهن. هاڻي خو د سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي قيادت لاءِ ان سخت موقف جي بنهه  ابتڙ هليو وڃڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. سندن اندر هڪ حصو هاڻي ان بيانيي تي ايترو پختو ايمان آڻي چڪو آهي جو اهو هن سڄي تبديليءَ کي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ماضيءَ ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جن حڪومتن ۽ پارٽين کي هٽائيندي رهي هئي ان بابت پاڻ ڪڏهن به حمايت ۾ ايئن کلي طرح نه بيٺي هئي جيئن هن ڀيري اها عمران خان سان بيٺل رهي. اڳ ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جن حڪومتن کي هٽائيندي هئي انهن بابت ڪرپشن، اقرباپروري ۽ خراب حڪمراني جون چارجز ايتريون عام ڪيون وينديون هيون جو اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪير به انهن جي حمايت نه ڪندو هو.

هن ڀيري اسٽيملشمينٽ جنهن ڌر کي هٽايو آهي ان جي خلاف ان طرفان ڪا به جاچ ناهي لڳائي وئي ۽ کين هٽائڻ لاءِ بظاهر اڻ ڌريو ٿي آئيني رستو اختيار ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر کي ميدان کليل ڏنو ويو. پر اها به حقيقت آهي ته ايڏي سگهاري اسٽيبلشيمينٽ پاران ٻاجهارو هٿ هٽائڻ جي نتيجي ۾ هڪ آزمودگار مخالف ڌر لاءِ عمران خان کي اقتدار مان ڪڍي ڦِٽو ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه هو. هاڻي اسٽيبلشمينٽ ڀلي پنهنجي اندروني صفن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اهو موقف رکي ته اسان رڳو اڻ ڌريا ٿيا آهيون پر سندن صفن ۾ موجود عمران خان جا حامي حلقا ان تي مطمئن ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. هنن لاءِ عمران خان غلطين ۽ خرابين کان مٿانهون اهڙو محبت وطن هيرو آهي، جنهن کي ڪنهن به شڪل ۾ اقتدار کان هٽائڻ قومي ڏوهه برابر آهي. هاڻي اهي ئي حلقا اسٽيبلشمينٽ  جي قيادت کان نه رڳو مدو پورو ٿيڻ تي رٽائرمينٽ وٺڻ جو اڳواٽ اعلان ڪرائي  چڪا آهن پر سندن ايندڙ ٽارگيٽ جلد کان جلد نيون چونڊون ڪرائڻ آهي. اهي حلقا چاهين ٿا ته ان کان اڳ جو هاڻوڪي حڪومت عمران خان جي دور جي خراب حڪمرانيءَ جي قصن تي رکيل ڍڪ هٽائي اهي عوام اڳيان آڻي ايندڙ چونڊن کان اڳ کيس مليل عوامي حمايت ڪمزور ٿيڻ لڳي، نيون چونڊون ٿي وڃن. هن وقت عمران خان پرڏيهي سازش وارو جيڪو ناٽڪي بيانو جوڙيو آهي اهو اڃا مارگيٽ ۾ گرم آهي، جيڪو وقت گذرڻ سان ٿڌو ٿيڻ لڳندو. جلد کان جلد چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان هن وقت جوڙيل تحريڪ مان ڪنهن حد تائين فائدو وٺي سگهندو.

مٿان پي ٽي آءِ کي اها به ڳڻتي آهي ته ڪيترن ورهين کان فيصلي جي انتطار ۾ ٽنگيل پرڏيهي فنڊنگ واري ڪيس جو فيصلو به ستت اچڻ وارو آهي. عمران خان اڳواٽ ئي ان فيصلي جي نتيجن کي سمجهندي اليڪشن ڪميشن خلاف واويلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفا جو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن ان فيصلي جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ  يا ان جي سربراهه تي ڪا پابندي لڳي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ سڌو ٽڪراءُ شروع ٿي ويندو. ان صورتحال سبب ملڪ اندر هڪ سياسي گهوٽالو شروع ٿي سگهي ٿو، جيڪو صورتحال کي ڪنهن ٻي انتها ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو. ان لحاظ کان ڏسجي ته ملڪ ۾ ايندڙ مهينا وڏي حد تائين ڳڻتي جوڳا نظر اچن ٿا.