ڪيريئر ڪائونسلنگ ڇو ضروري آھي؟

0
363
ڪيريئر ڪائونسلنگ ڇو ضروري آھي؟

دنيا جي سڌريل ملڪ ۾ نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪئي ويندي آھي، جيئن ھو پنھنجي پروفيشن جي صحيح چونڊ ڪري سگھن، پر ٿرڊ ورلڊ جي ملڪن ۾ اڪثريت ٻار پنھنجي ڪيريئر جي چونڊ سندن والدين جي چوڻ تي ڪندا آھن ۽ والدين جنھن ڌنڌي ۾ لڳل ھوندا آھن ۽ پنھنجي ٻارن کي انھي ڌنڌي تي لڳائڻ چاھيندا آھن،  جنھن جي نتيجي ٻارن جي قدرتي صلاحيتن تي وڏو منفي اثر پوي ٿو.

اھو ضروري ناھي ته والد سٺو ڊاڪٽر آھي ته پٽ يا ڌيءَ به سٺي ڊاڪٽر ٿئي ۽ جيڪو به پروفيشن ٻار والدين جي چوڻ تي اختيار ڪن ٿا ٻار بھترين پروفيشنل ٿي نٿا سگھن ڇو ته ھر ٻار ۾ ھڪ قدرتي صلاحيت ھوندي آهي، ان لاءِ اھو ضروري آھي، ٻار کي انھي فيلڊ جي چونڊ ڪرڻ ڏني وڃي جنھن جو ان کي شوق ھجي ۽ شوق واري فيلڊ ۾ ٻار بھترين ڪم ڪري سگھي ٿو.

 ھڪ ٻيو مسئلو اسان جي انھن نوجوانن سان آھي جن جا والدين تعليم يافته ناھن، انھن کي پنھنجي ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي، اُھي نوجوانن ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرز کي ڏسي ان فيلڊ ۾ وڃڻ چاھيندا آھن پر جڏھن اُھي انھي فيلڊ ۾ پھچندا آھن ته کين خبر پوندي آھي ته ھي فيلڊ اسان جي ڪم جي ناھي پوءِ ھو پنھنجي مذاج جي خلاف تعليم حاصل ڪندا آھن، اھڙا نوجوان به بھترين پروفيشنلز نٿا ٿي سگھن ڇو ته انھن تعليم شوق سان حاصل نه ڪئي ھوندي آھي.

مان ڪجھه ٻين فيلڊس جا مثال ڏيندو ٿو ھلان، اسان وٽ اڪثر نوجوان جيڪي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا وٺندا آھن، انھن جو خيال ھوندو آھي ته انگريزي ۾ ايم اي ڪرڻ سان اسين انگريزي سکي ويندا سين پر جڏھن اھي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ پھچن ٿا انھن کي انگريزي ادب پڙھڻو پوي ٿو، شيڪسپيئر، ايمرسن ۽ وليم ورٿ جھڙن رائيٽرن کي پڙھڻو ٿو پوي، اڪثر نوجوان انگريزي ادب کي پڙھڻ جو شوق نٿا رکن ۽ اھي انگريزي جي ڊپارٽمينٽ ۾ پھچي وڏا مايوس ٿيندا آھن.

اھڙي طرح ڪافي نوجوان جيڪي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ پھچن ٿا ۽ اھي مُردن کي وڍ ٽڪ ۽ ايمرجنسي جي وارڊن ۾ مريضن کي تڙپندي ڏسي پريشان ٿي ويندا آھن ۽ پنھنجي تعليم شوق سان نه پرائي سگھندا آھن . ھاڻي ته مُردن جي جڳھه تي پلاسٽڪ جون  باڊيز اچي ويون آھن، پلاسٽڪ کان سواءِ ڪو ٻيو مٽيرل پڻ ھوندو آھي، 2020ع ۾ اسان آغا خان يونيورسٽي جو وزٽ ڪيو ھو اتي سکيا واري اسپتال ۾ سڄو سامان موجود ھو جيڪو مختلف مٽيرلز سان ٺھيل ھو پر اھو سامان انتھائي مھانگو آھي ۽ سنڌ جي غريب ميڊيڪل ڪاليجن ۾ موجود ناھي. بھرحال پاڻ ڳالھه پئي ڪئي سين ته اسان جا نوجوان  جنھن فيلڊ ۾ ويندا آھن ان فيلڊ جي کين ڪا خبر چار نه ھوندي آھي ۽ اُھي اتي پھچي پريشان ٿي ويندا آھن ته ھاڻي ڇا ڪجي؟

ان کان علاوہ اسانجي نوجوانن کي بھترين فيلڊ جي باري ۾ خبر به نه ھوندي آھي، انھن ۾ ھڪڙي فيلڊ ھوٽل ھاسپيٽلٽي آھي، اسان جي اڪثر نوجوانن کي صرف اھا خبر آھي ھوٽل ۾ بيرا ھوندا آھن ۽ ٻيا بورچي، انھن کي ھوٽل جي باري ۾ ڪو علم نه ھوندو آھي، منھنجو  فائيو اسٽار ھوٽل ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو رھيو آھي، ان ڪري مان پنھنجي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو ھوٽل جھڙي بھترين فيلڊ ٻي ڪا به ناھي. ھوٽل ۾ مختلف شعبا ھوندا آھن، پر ان ۾ فرنٽ آفيس ۽ ايف اينڊ بي جھڙا شعبا اھڙا شعبا آھن جيڪڏهن ڪنھن دوست کي انھي شعبي جو تجربو ملي وڃي ته اھو دنيا جي ھر ملڪ ۾ نوڪري لاءِ اپلائي ڪري سگھي ٿو.

فرنٽ آفيس وارا پروفيشنلز ھوٽل ۾ مھمانن کي ڊيل ڪندا آھن ۽ انھن کي چيڪ ان ۽ چيڪ آئوٽ ڪندا آھن ۽ انھن مھمانن جي ھوٽل جي سوفٽ ويئر ۾ انٽري ڪري ھوٽل جو ڪرايو وٺندا آھن، ھوٽل جي زبان ۾ ان کي ٽيرف چئبو آھي، جڏھن ته ۽ ايف ايند بي وارو شعبو يعني کائڻ ۽ پيئڻ وارو شعبو، ھن شعبي ۾ جيڪڏهن ڪو دوست شيف (جيڪو ھوٽل ۾ سڀ کان وڌيڪ پگھار کڻندو آھي، جيڪا لکن يا ملين ۾ ھوندي آھي) جو ڪم سکي وٺي ته اھو دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ نوڪري لاءِ اپلائي ڪري سگھي ٿو ۽ ان کي نوڪري تمام جلد ملي ويندي آھي. اھو به دوستن کي ٻڌائيندو ھلان ته ھوٽل مئنيجمينٽ جا ڪورس ڪراچي ۾ پيٿم ۽ ٻيا کوڙ سارا پرائيويٽ ادارا ڪرائيندا آھن جن جي اسان جي نوجوانن کي خبر ئي ناھي.

اسان جي عام نوجوان کي ماس ڪميونيڪيشن جي به خبر ناھي ھوندي ته اھا ڪھڙي بلا آھي؟ جڏھن ته ماس ڪميونيڪيشن ھڪ بھترين صحافت جي فيلڊ آھي ، جيڪي دوست ڪتاب پڙھڻ ۽ لکڻ جا شوقين آھن انھن کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئرز بلڪل نه ٿيڻ گھرجي انھن کي ماس ڪميونيڪيشن ۾ وڃڻ گھرجي. ھو ھن فليڊ ۾ وڌيڪ بھتر ڪم ڪري سگھن ٿا.

صحافت جو اسڪوپ تمام وڏو آھي، ھاڻي ضروري ناھي ته اوھان کي ڪو ميڊيا ھائوس ۾ ڪا صحافت جي نوڪري ڏي، ھاڻي ھر صحافي پنھنجو ميڊيا ھائوس پاڻ کولي سگھي ٿو، ھڪ بھترين بلاگر ۽ وي لاگر ٿي سگھي ٿو، پنھنجي ويب سائيٽ ۽ يوٽيوب تي ڪيترائي چينل پڻ کولي سگھي ٿو، ملڪ کان ٻاھر نيوز اجنسين لاءِ لکي سگھي ٿو، اھڙا ٻيا جام ڪم آھن جيڪو ھڪ بھترين صحافي ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ لازمي آھي ان جي بھترين انگريزي ۽ ٽيڪنيڪل اسڪلز ھئڻ گهرجن پر افسوس سنڌ جي اڪثر نوجوانن کي اھڙي اھم شعبي جي باري ۾ ڪا خاص خبر ناھي.

انھن سڀني شعبن مان ھڪ اھم شعبو وڪالت به آھي،پر سنڌ جي نوجوانن کي ان شعبي بابت به ڪا خاص خبر ناھي، ان ڪري گھڻا نوجوان وڪالت طرف ڌيان نه ڏيندا آھن.وڪالت جي پروفيشن جي باري ۾ عام خيال ھوندو آھي ته اُھي ڪوڙ ڳالھائيندا آھن قاتلن جا وڪيل ٿيندا آھن ان ڪري وڪالت جو پروفيشن انھن کي ڀلو نٿو لڳي.

پر ھو جيڪو عام وڪيل بابت تاثر رکن ٿا، حقيقت ان جي بلڪل مختلف آھي. وڪالت ھڪ بھترين شعبو آھي، ان ۾ ھڪ بھترين وڪيل غريب ماڻھن جا ڪيس کڻي عام ماڻھن جي مدد ڪري سگھي ٿو، انکان سواءِ پنھنجي محنت سان ھو پنھنجو نالو ڪمائي سگھي ٿو، ايل ايل بي ڪرڻ وارن لاءِ ڊائريڪٽ 17 ۽ 18 گريڊ جون تمام گھڻيون نوڪريون آھن، ايتريون نوڪريون ٻئي ڪنھن شعبي ۾ ناھن، وڪيل ٿيڻ کان پوءِ انجي معاشري ۾ تمام وڏي عزت ھوندي آھي.

وڪيل کي قانون جو ماھر سمجھيو ويندو آھي، وڪيل، ڪجھه ئي سالن ۾ ھائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ رجسٽرڊ ٿي سگھي ٿو جيڪڏهن ان ۾ محنت جو جذبو آھي ته، وڪيل جون فيون گھڻن پروفيشن جي پوري سال جي ڪمائي کان وڌيڪ ھونديون آھن پر افسوس 98 سيڪڙو نوجوان  انھي پروفيشن جي ڄاڻ نٿا رکن.

انفرميشن ٽيڪنالاجي جي وڏي دنيا آھي، اڄڪلھه دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ۽ پئسو ھن فيلڊ ۾ آھي، ھي دور اي ڪامرس جو دور آھي، ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي جو اي ڪامرس ۾ تمام وڏو رول آھي، دنيا ۾ فزيڪل خريدوفروخت ختم ٿي رھي آھي، ھي آن لائن جو دورآھي، ھن وقت آمريڪا جي مشھور ڪمپني اميزون آھي جيڪا دنيا جي امير ترين ڪمپني آھي ھي ڪمپني صرف ڪورونا جي ڪجهھ سالن ۾ وڌي آھي ۽  ھن وقت پوري دنيا ۾ ھن ڪمپني جو آپريشن ھلي ٿو. سنڌ جو نوجوان پڻ ھن ڪمپني جي تعاون سان آن لائن بزنس ڪري سگھي ٿو.

سنڌ جي نوجوانن کي گھرجي ته اھي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ واري شوق مان ٻاھر نڪرن ۽ اھڙن شعبن جي چونڊ ڪن جن سان ھو زندگي کي ڀرپور گذاري سگھن، ڊاڪٽر ته 10 کان 12 ڪلاڪ ڪمري کان ٻاھر نڪري نه سگھندو آھي ۽ انجنيئرز جون ملڪ ۾ نوڪريون ناھن ۽ نوجوان اڪثر ڊگريون وٺي بيروزگاري واري زندگي گذارين ٿا ۽ پريشان رھن ٿا. ان ڪري نوجوانن کي گھرجي ته پنھنجي پروفيشن جي چونڊ ڪرڻ کان پھرين ڪنھن سينئر دوست سان مشورو ڪن ۽ انھي فيلڊ جي چونڊ ڪن جنھن جو ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاھر اسڪوپ ھجي جيئن ھو ڊگري وٺي ٻاھر نڪرن ته انھن کي نوڪري ملي سگھي.

[email protected]