ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو جي علائقي  جلالجي چودڳي ويجھو ڳوٺ سکر خان شر ۾ ڪڻڪ جي 4 ايڪڙن جي ديري کي نامعلوم ماڻھو باھ ڏئي  فرار ٿي ويا،  فائربرگيڊ گاڏي نه پھچڻ ڪري ڪڻڪ جو ديرو سڙي خاڪ ٿي ويو، ان حوالي سان متاثر علي گنج شر ٻڌايو ته اڻڄاتل ماڻهو  4 ايڪڙ ڪڻڪ ساڙي فرار ٿي ويا آهن، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.