ڪوٽ غلام محمد:اغوا ٿيل نوجوان تي تشدد واري وڊيو سامهون اچي وئي

0
329

ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ويجهو گذريل ڏينهن اغوا ٿي ويل نوجوان تي تشدد واري وڊيو سامهون اچي وئي، مغوي عبدالستار آرائين جِي ٻڍڙي امڙ دانهيو آهي ته، گذريل رات منهنجي پٽ کي فون تي گهرائي اغوا ڪيو ويو، هڪ وڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ پٽ تي ڪيترائي ماڻهو تشدد ڪري رهيا آهن، جوابدارن ۾ محمد عيش، اسحاق، آصف، ثاقب، شهباز، فراز ۽ ٻيا شامل آهن، واقعي جو نوٽيس وٺي وحشي جوابدارن جِي قيد مان پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي…