ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي سائيٽ جي 20 کان مٿي ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي پاران ڊي سي ڄامشورو جي آفيس اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي يونس اوٺو، ساگر عالماڻي، عبدالفتاح چنا ۽ ٻين چيو ته گذريل 20 سالن کان ڪوٽڙي سائيٽ جو عوام پيئڻ جي پاڻي کي محروم آھي، ھنن چيو ته انتظاميا پاران ھٿ وٺي عوام کي ٽينڪر مافيا جي ور چاڙھيو ويو آھي، پورھيت طبقو پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھي، واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻي نه ويو ته احتجاج جاري رھندو