ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ بجلي اڻ اعلانيل ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف رھواسين پاران ريلي ڪڍي ايس ڊي او گلشن شھباز جي آفيس اڳيان ٽن ڏينهن لاءِ ڌرڻو هڻي  احتجاج ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي،  احتجاج ڪندڙ امجد مستوئي،  ستار لھر، شھباز ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سخت گرمي ۾ بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، ھنن چيو ته ايس ڊي او اسان جي علائقن ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري ٿو، انھن کان ڪير به پڇڻ وارو ناھي، ھنن چيو سخت گرمي ۾ بجلي نه ھجڻ سبب ٻار بيماري ٿي رھيا آھن، پر ھنن کي ڪو به احساس نٿو ٿئي، هنن  مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.