ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ اسٽيج جو دور موٽي آيو، اصلاحي ناٽڪ احساس پيش، عوام ۾ سرهائي، اداڪارن کي ڀرپور داد ڏنو ويو.  نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس. (ناپا) ۽ ايمان آرٽس ڪائونسل ڄامشورو پاران ڪوٽڙي ڪلچر سينٽر ۾ اصلاحي اسٽيج ناٽڪ احساس پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ماما لالو، عائشه مهڪ، قادر بخش مٺو. ڪشور جبين ۽ ٻين اداڪاري جا ڀرپور جوهر ڏيکاري ڏسندڙن جون دليون کٽي ورتيون،  ايم بچل ڪلهوڙو،  اظهار علي لانگاهه، جاويد ساگر، علي جان بلوچ، مير علي حسن ٽالپر، علي مراد سولنگي، منظور چانڊيو، طارق آڪاش  به فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، ڊرامي جو ليکڪ  مير مرڪ واڍو. نگران هدايتڪار لڪي رياض عمراڻي، هدايتڪار طارق آڪاش، اسٽنٽ ڊائريڪٽر ساجد سنڌي هئا. جڏهن ته ساجد سنڌي ۽ فيضان سخيراڻي لطيف سائين جون ۽ اُستاد بخاري جي شاعري ڳائي ٻڌائي. ڊرامي کان پھرين ٿيل ويهڪ ۾ فقير داد کوسو، ديدار شام، نورالمين سپيو، ايڊووڪيٽ فهيم انڙ، لطيف شورو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪو دور هو سنڌ ۾ ناٽڪ منڊلي ٿيندا، مشخرا ماڻهن کي ٽوٽڪا ٻڌائي کلائيندا، جيڪو سنڌ جي سهپ ۽ رواداري جو دور هاڻي ماڻهن مان سهپ نڪري وئي آهي، تنهن ڪري ڊرامن ذريعي، بهتر تعليم ذريعي ماڻهن کي خوشيون ڏيڻ سان گڏ ماڻهن جي اصلاح ۽ تربيت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،