حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا گهٽجڻ سبب ڪئنالن ۾ پاڻي جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي. سکر بئراج جي ٻن دروازن جي مرمت لاءِ ابتدائي طور بئراج جي پانڊ ليول گهٽائڻ خاطر ڪوٽڙي بئراج ڏانهن پاڻي جو ڇوڙ ڪيو ويو هو جڏهن ته ارسا کي مٿان کان پاڻي گهٽ ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي هئي جنهن سبب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ جو خدشو آهي. هن وقت ڪوٽڙي بئراج اپ اسٽريم وٽ 80 هزار 516 ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ 38 هزار 241 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. ٽين ڊيز ڊيلي مطابق ڪوٽڙي بئراج کي 33 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي جي گهرج هوندي. پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ جي خدشي سبب ليفٽ بئنڪ ڪئنالز ايريا واٽر بورڊ پاران آبادگارن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي. سيڊا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سکر بئراج مان 18 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪجھ ڏينھن ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پھچندو. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وھڪرا گھٽجڻ جي صورت ۾ اڪرم واھ ۽ ڦليلي واھ جي وهڪرن تي پڻ اثر پوندو. آبادگار احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي پاڻي جي زيان کي روڪين ۽ اضافي پاڻي سم نالين ۾ ڇوڙ نه ڪن ته جيئن پاڻي جي کوٽ جي اثرن کي گھٽائي سگھجي. بئراج تي پاڻي جي صورتحال بھتر ٿيندي ئي ڪئنالز کي فل سپلاءِ ليول تي بحال ڪيو ويندو.