ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ڀرسان ڇوڏاهو واسي نوجوان نريش ڪمار خيرپور کان سکر ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، نوجوان جي پيءُ هيرو مل ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناه، پٽ چئن ڏينهن کان پراسرار نموني گم آهي، مٽن مائٽن توڙي دوستن کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي پر ڪٿي به سندس ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، شڪ آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو آھي پر ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، هن پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.