ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنجي منجريڪر ويرات ڪوهلي کانسواءِ ٽيم جي رانديگرن جي تعريف ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. سنجي منجريڪر ڀارت جي 17 سالن کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ تي ايڪس ٽيم لاءِ هڪ تعريفي پوسٽ شيئر ڪئي هئي ٽوئيٽ ۾ سنجي منجريڪر ڀارتي ڪپتان روهت شرما، هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ ۽ چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر جي واکاڻ ڪندي کيس ايماندار لکيو ۽ چيو ته اِهو ڏسي خوشي ٿي ته اوهان آخر تائين ٽيم لاءِ محنت ڪئي.هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ سنجي منجريڪر ڀارتي بالرن هاردڪ پانڊيا، اڪشر پٽيل ۽ جسپريت بمرا جي تعريف ڪندي لکيو ته اِهو پهريون دفعو نه آهي ته ڀارتي بالرن ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي. سنجي منجريڪر جي پوسٽ ۾ ويرات ڪوهلي کي شامل نه ڪرڻ تي ڀارتي تپي باهه ٿي ويا ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. هڪ واهپيدار سنجي منجريڪر تي تنقيد ڪندي سندس پوسٽ کي انتهائي اڻوندڙ قرار ڏيندي لکيو ته پهريان سنجي پنهنجي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ويرات ڪوهليءَ کي شامل نه ڪيو ۽ هاڻ ڪريڊٽس ۾ به ويرات کي شامل ناهي ڪيو، ڪهڙو منافق ماڻهو آهي، ويرات ڪوهلي ليجنڊ هو ۽ ليجنڊ رهندو. هڪ ٻئي صارف اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جي ٽوئيٽ تي زور ڏيندي لکيو ته ڪوهلي لاءِ به هڪ تعارفي پوسٽ لکو. هڪ واهپيدارن لکيو ته ويرات ڪوهلي جو آءِ پي ايل جو ڪيريئر سنجي جي پوري ڪيريئر کان به وڏو آهي. انڪت نالي صارف سنجي جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي کيس ياد ڏياريو ته هڪ عرصي کان ٽيم لاءِ پنهنجون خدمتون انجام ڏيڻ تي ويرات ڪوهلي جا ٿورائتا آهيون.