ايڊيليڊ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر ۽ ڪمينٽريٽر سائمن ڊول انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪرڻ تان کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب سائمن ڊول کي آءِ پي ايل 2024ع دوران ويرات ڪوهلي جي اسٽرائيڪ ريٽ تي تنقيد ڪرڻ تان ويرات ڪوهلي جي مداحن پاران قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڪرڪ بز کي ڏنل انٽرويو ۾ سائمن ڊول چيو ته مون ويرات ڪوهلي جي باري ۾ هزارين سٺيون ڳالهيون ڪيون پر ڪير نٿو ڏسي، پر جيئن ئي هڪ ناڪاري ڳالهه ڪندو آهيان ته مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ملن ٿيون. سائمن ڊول چيو ته آئون ڪنهن تي ذاتي تنقيد ناهيان ڪندو، نه ئي منهنجو ڪو اهڙو مقصد ئي آهي، ويرات ڪوهلي سان منهنجي سٺي ڳالهه ٻول آهي ۽ اسان جي وچ ۾ ڪو مسئلو ناهي. ياد رهي ته پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم کي تنقيد ڪرڻ تان به سائمل ڊول تي مداحن سخت تنقيد ڪئي هئي.