ٿاڻوبولاخان( ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان گيانچند ايسراڻي صوبائي وزير اقليتي امور سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کانپوء چيئرمين حيدرآباد بورڊ محمد امين ميمڻ امپرو ۽ فيليوئر سينٽر جيڪو ڪوٽڙي ۾ رکيو ويو ھو، ان کي معطل ڪري گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ٿاڻوبولاخان ۽ گورنمينٽ گرلز ھائي اسڪول ٿاڻوبولاخان ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ سموري ڪوھستان جا شاگرد ڪوٽڙي جي بدران ٿاڻوبولاخان ۾ آساني سان پنهنجو امتحان ڏيئي سگھندا . امپرو ۽ فيليوئر جو سينٽر ٿاڻوبولاخان ۾ قائم ٿيڻ سان ڪوھستان جي ڏورانھين علائقي جي شاگردن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي ويئي.