ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ۾ سمال ڊيم ڊويزن طرفان ڪونڀا واهه ندي تي 338 ملين رپين جي لاڳت سان منظور ڪيل سمال ڊيم کي علائقي واسين رد ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڪونڀاهه واهه ندي جو برساتي پاڻي روڪڻ لاءِ 26 اپريل تي ٽينڊر جاري ڪيو ويو جنهن ۾ سمال ڊيم جي لاڳت 338 ملين ٻڌائي وئي، جڏهن ته ڳوٺ چڻيندا جي جبل جي ٽڪرين مان نڪرندڙ ڪونڀا واهه ندي  جي  برساتي  وهڪرن جو پاڻي ٿرپارڪر ضلعي جي   ڳوٺ ويرا واه ۾ وڏي ۾ وڏي سانگاهه ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو،  جنهن سان سانگاهه ڍنڍ پاڻي سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ آسپاس جي ڳوٺ ويراواهه، ڪوراسري، ڄام خان جو وانڍيو، حاجي باقيل دل، اويڙ پلي، خدابخش پنهور ۽ ٻين ڳوٺن ۾ انساني آبادي ۽ چوپائي مال کي اهو پاڻي ملي ٿو، جڏهن ته ٻاجهر، گوار، مڱ، موٺ، جوئر، ڪڻڪ، توريو، ڄانڀو، مڪئي ۽ ٻيا فصل ٿين ٿا، ان ڏس ۾ علائقي واسين ساگر خاصخيلي، حنيف سمون، مصطفيٰ دل، سومار دل ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪونڀا ندي تي ڊيم ٺاهڻ سان ڍنڍ سڪي ويندي، جنهن سان انساني آبادي ۽ چوپائي مال تي وڏو اثر پوندو، هنن جو چوڻ هو ته جتي ڊيم ٺاهيو پيو وڃي اتي انساني آبادي نه هئڻ برابر 25 گهر آباد آهن، هنن چيو ته ڊيم جي ڪا به گهرج نه آهي، ڊيم اتي ٺاهجي جتي ضرورت هجي، هنن چيو ته اهو ڊيم اسان لاءِ ڪالاباغ ڊيم ثابت ٿيندو، هنن چيو ته ڪونڀا واهه ندي اسان جي جياپي جو ذريعو آهي، ان مٿان ڪو به ڊيم قبول نه ڪيو ويندو، هنن مطالبو ڪيو ته ڪونڀا واهه ندي جو ڊيم رد ڪري ٻئي هنڌ ٺاهيو وڃي.