ڪولڪته(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ ئي هندستاني شهر ڪولڪته جي ايڊن گارڊن اسٽيڊيم کي اوچتو باهه لڳي وئي، هندستاني ميڊيا جي رپورٽ موجب اسٽيڊيم ۾ اڏاوتي ڪم هلي رهيو هو ته باهه لڳي، جيڪا رانديگرن جي ڊريسنگ روم تائين پکڙجي وئي، رانديگرن جون ڪٽس ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. فائربرگيڊ عملي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد بعد خوفناڪ باهه کي ڪنٽرول ڪري ورتو. واضح رهي ته ايڊن گارڊن ۾ عالمي ڪپ جي سيمي فائنل سميت 5 ميچون رٿيل آهن ساڳي ئي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ميچ به ٿيڻي آهي.