نيويارڪ  (انٽرسٽنگ نيوز) نيويارڪ ۾ ڪوس گهر مان فرار ٿيل رڍ کي نئين پناهه گاهه ملي وئي آهي. والڊو رڍ جيڪا فرار ٿيڻ کان پوءِ لڪڻ جي صلاحيت رکي ٿي،  نيو يارڪ جي هڪ ڪوس گهر مان فرار ٿيڻ کان پوءِ ان کي محفوظ طور تي نئين پناهه گاهه ۾ پهچايو ويوآهي. ووڊ اسٽاڪ فارم سينچري جي مطابق، والڊو( رڍ) کي شروعاتي طور تي ٻڪري سمجهيو ويو هو ۽ ذبح خاني مان فرار ٿيڻ کانپوءِ واشنگٽن ويل جي گهٽين ۾ گهمندي ڏٺو ويو.  جڏهن به ان کي ڪنهن هنڌ پڪڙڻ ڪوشش ڪئي وئي ته هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي تنهن ڪري کيس ٻارن جي ڪتاب جي مشهور ڪردار “ والڊو” جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو پڻ فرار ٿيڻ ۾ ماهر آهي. ووڊ اسٽاڪ فارم سينچري سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو ته والڊو هاڻي محفوظ طور تي پنهنجي نئين گهر پهچي وئي آهي جتي هو هاڻي آرام ڪري رهي آهي.