موهن جو دڙو (ن پ ا) ڪوريا جو قونصليٽ جنرل ڪِم هاڪ سِنگ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا، ايچ آر وي ايريا، ايس ڊي ايريا ۽ ٻين قديم آثارن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي موهن جو دڙو تي مقرر  گائيڊ ڪوريا ڪائونصليٽ کي تهذيب جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏني. ڪوريا جي قونصليٽ جنرل ڪِم هاڪ سِنگ چيو ته گريٽ باٿ ۾ ان وقت جا ماڻھو ڪيئن هن تلاءَ ۾ وهنجندا هئا. جڏھن ته ڪجهه وقت اڳ ڪوريا جي ايمبيسي پاران هڪ ٽيم مهين جي دڙي تي آئي هئي جنهن سنڌ ۾ موجود ٻڌ ڌرم جي ماڳن ۽ ٻڌ مت جي پوئلڳن بابت ڊاڪيومينٽري ٺاهي هئي هوڏانهن موهن جو دڙو انتظاميا طرفان سيڪورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا.